اسلام آباد (م ڊ) ايف آءِ اي جي اڳوڻي سربراهه بشير ميمڻ وڌيڪ پينڊورا باڪس کولي ڇڏيو، ڊاڪٽر بشير ميمڻ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته جسٽس فائز خلاف ڪيس ڪرڻ لاءِ وزيراعظم آفيس گهرايو ويو، اتي پهتس ته وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان ۽ احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر مونکي وزيراعظم وٽ وٺي ويا، جتي وزيراعظم منهنجي تعريف ڪئي ۽ چيو ته تون سٺو آفيسر آهين، تمام سٺا ڪيس ٺاهيندا آهيو، هن ڪيس ۾ به همٿ ڪجو، جنهن بعد مونکي شهزاد اڪبر جي آفيس ۾ آندو ويو ۽ اتي وڃي خبر پئي ته حڪومت جسٽس فائز خلاف ڪيس ٺاهڻ چاهي ٿي. ايف آءِ آءِ جي اڳوڻي سربراهه نجي ٽي وي کي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ملاقات بعد اعظم خان ۽ شهزاد اڪبر مونکي قانون واري وزير فروغ نسيم جي آفيس وٺي ويا، جتي ايف بي آر جو آفيسر اشفاق احمد به موجود هو، مون فروغ نسيم کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي اهو ڪم نه ٿي ڪري سگهي، هڪ جج خلاف ڪارروائي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اختيار آهي پر ايف بي آر آفيسر اشفاق احمد چيو ته آئون ڪري سگهان ٿو ته مون چيو ته توهان ڀلي ڪريو، آئين ايف آءِ اي کي اهڙي اجازت نه ٿو ڏئي، جنهن تي فروغ نسيم چيو ته جسٽس فائز خلاف ڪيس آئون پاڻ وڙهندس، اوهان کي ته خبر آهي ته آئون اڄ تائين ڪوبه ڪيس نه هارايو آهي، فروغ نسيم چيو ته مني لانڊرنگ جو ڪيس ٺاهيو، اهو اوهان جو مينڊيٽ آهي، جنهن تي مون جواب ڏنو ته خدا جي واسطي هي شخص سپريم ڪورٽ جو جج آهي، اسان هتي ويهي ان خلاف ڪيس ڪيئن پيا ٺاهيون؟ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ وڌيڪ چيو ته مونکي رٽائرڊمينٽ کان 4 مهينا اڳ پيغام ڏنو ويو ته وزيراعظم عمران خان ڪجهه اهم ڪيسن تي اوهان سان ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن وزيراعظم سان ملاقات لاءِ پهتس ته خبر پئي ته وزيراعظم ناراض هو، عمران خان جو خيال هو ته مون نوازشريف خلاف ڪيس نه ٺاهيا، وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز، شهبازشريف، سليمان شهباز، حمزه شهباز، خواجا آصف، احسن اقبال، شاهد خاقان، خرم دستگير، راڻا ثناءُ الله، جاويد لطيف، مريم اورنگزيب خلاف ڪيس لاءِ چيو، خورشيد شاهه، نفيسه شاهه، مصطفي نواز کوکر، اسفد يار ولي، امير مقام خلاف به ڪيس ڪرڻ لاءِ چيو ويو پر هنن جو گهڻو زور نوازشريف ۽ مريم نواز تي هو، وزيراعظم جج وڊيو اسڪينڊل ۽ خاتون اول جي تصوير معاملي ۾ مريم نواز تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ لاءِ چيو، مون انڪار ڪندي چيو ته پريس ڪانفرنس ڪرڻ يا تصوير واري معاملي تي دهشتگردي جو ڪيس ٺهي ئي نه ٿو، جنهن تي وزيراعظم ڪاوڙجي پيو ۽ چيو ته سعودي عرب ۾ محمد بن سلمان سرڪاري ادارن کي جيڪو چوندو آهي، اهو ڪندا آهن، توهان مريم نواز کي في الحال گرفتار ڪريو پوءِ ڏسنداسين، جنهن تي مون چيو ته سعودي ۾ بادشاهت آهي، پاڪستان ۾ جمهوريت آهي، اسان آئين خلاف ڪيئن ٿا وڃي سگهون؟ ٽي وي تي جيڪو به اچي حڪومت خلاف ڳالهائيندو هو، وزيراعظم چوندو هو ته اپوزيشن کي ناهي ڇڏڻو، هنن خواجا آصف خلاف غداري ڪيس ٺاهڻ پئي چاهيو، مون چيو ته اقامو رکڻ غداري جي زمري ۾ نه ٿو اچي، هي ورڪ پرمنٽ آهي. هن نواز ليگ لاءِ سوفٽ ڪارنر رکڻ واري الزام کي رد ڪندي چيو ته نواز ليگ لاءِ ڪڏهن نرمي دل نه رکي، نواز ليگ وارا ته سڃاڻيندا به ناهن، جڏهن نيب شهبازشريف کي گرفتار ڪيو ته چيف ايگزيڪيٽو چيو ته ڏٺو منهنجي هڪ ڪال تي شهبازشريف گرفتار ٿي ويو، ان کي وفاداري چئبو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عدالت يا ڪنهن به فورم تي گهرايو ويو ته حاضر ٿيندس، جيڪا ڳالهه آهي اها ڪندس، جاچ ٿي ته 100 ڀيرا پيش ٿيندس، جيڪڏهن ثابت نه ڪري سگهيس ته اها الڳ ڳالهه آهي پر دستاويزن جي مونکي خبر آهي ته ڪهڙا دستاويز ڪٿي پيل آهن؟