همايون شريف (ن پ ا) چڪ واسي مغوي ڌاڙيلن وٽان بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي، مغوي جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن وارثن جي پاڪ ڪتاب گهمائڻ سبب ڇڏي ڏنو. خبر موجب چڪ واسي مغوي علي گل شيخ ڌاڙيلن وٽان بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي. ان ڏس ۾ بازياب ٿيل علي گل شيخ جو چوڻ آھي ته چڪ ٿاڻي جي حد مان 10 کان وڌيڪ هٿياربندن اغوا ڪري ورتو، جن ڪچي طرف کڻي وڃڻ بعد موٽرسائيڪل تي کڻي وڃي هڪ ڪچي جڳهه ۾ تالا هڻي زنجير سان ٻڌي ڇڏيو هو، هن ٻڌايو ته گذريل رات جو دير سان محمود آباغ ويجهو ڌاڙيلن ڇڏي ٻڌايو ته تنهنجي وارثن علائقي ۾ قرآن پاڪ گهمايو آھي، تنهن ڪري تون کي ڇڏيون ٿا.