ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته سياست ۾ ڳالهيون ۽ رابطا ٿيندا رهندا آهن پر پ پ کي جماعت اسلامي سينيٽ جي اپوزيشن ليڊر لاءِ ڪو به ووٽ ناهي ڪيو، حڪومت جي 3 سالن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، مهانگائي، بيروزگاري ۽ ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪسن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ٽن سالن ۾ خزاني جا 4 وزير تبديل ڪرڻ معاشي ٽيم جي ڪارڪردگي جو کُليل ثبوت آهي، مفتي منيب الرحمن سميت ٻين عالمن جا نالا فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو مذمت جوڳو آهي، ڪالهه هتي افطار پارٽي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ 13 سالن کان حڪمراني ڪري رهي آهي، انهي باوجود ڪراچي کان ڪشمور تائين عوام صحت، تعليم ۽ صاف پاڻي کان به محروم آهي، اڳوڻي سٽي ميئر نعمت الله خان جي دور ۾ منظور ٿيڻ وارو ڪي 4 منصوبي تي اڃان تائين ڪم شروع ٿي ناهي سگهيو، ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جو صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علامه حزب الله جکرو ۽ اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا ۽ ٻيا موجود هئا.