سنڌ سرڪار ڏنگي ۽ بُنڊاڙ ٻيٽ تي شهر اڏڻ نٿي ڏئي:وزيراعظم

0
266
سنڌ سرڪار ڏنگي ۽ بُنڊاڙ ٻيٽ

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ سنڌ سرڪار ڏنگي ۽ بُنڊاڙ ٻيٽ تي شهر اڏڻ نٿي ڏئي، ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ سان سنڌ کي ئي فائدو ٿيندو، سمجهه ۾ نٿو اچي ته سنڌ سرڪار شهر اڏڻ کان انڪار ڇو ڪيو؟ وزيراعظم عمران خان اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ٻن خاندانن بيدردي سان ملڪي ناڻيو لٽيو ۽ ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو، انهن ماڻهن نيب جيان ٻيا ادارا به تباهه ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي ساڳئي نيب پهريون دفعو وڏين مڇين کي پڪڙيو آهي، اُن تي اپوزيشن جون رڙيون نڪري ويون، عوام سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ ناري نور مقدم جي قتل وارو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، پهرئين ڏينهن کان ڪيس کي پاڻ ڏسي رهيو آهيان، پڪ ڏياريان ٿو ته قاتل ڪيترا به بااثر هجن، پر اُهي نه بچي سگهندا، افغان سفير جي ڌيءُ سان پيش آيل واقعي جي هڪ هڪ شئي کي به پاڻ ڏٺو آهي.