بابر ميرالي جي قتل خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

0
428
بابر ميرالي جي قتل

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ قتل ٿيل سنڌ جي نالي واري راڳي شمن علي ميرالي جي ڀاڻيجي بابر ميرالي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجتاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن، دادو ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر جي سڏ تي شمن ميرالي جي ڀاڻج بابر علي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
منور شاھ رفيق زئونر ۽ راجا رفيق پنهور جي اڳوڻي ۾ فنڪارن ميونسپل پارڪ کان هٿن ۾ بينر کڻي احتجاج ڪندي بابر علي ميرالي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.
لاڙڪاڻي ۾ ڪراچي سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد جمالي ڳوٺ ۾ قتل ٿيل سنڌ جي سريلي راڳي شمن علي ميرالي جي ڀاڻيجي بابر علي ميرالي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ آل سنڌ سنگيت ڪار ايسوسيئيشن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مرڪزي وائيس چيئرمين سليم رضا ڪنڀر، عاشق نظاماڻي، فدا حسين کوکر، سهڻي ناز، محبوب ٽوٽاڻي، شيراز عباسي، نياز عمراڻي، صدر راجا نديم کهاوڙ، جنرل سيڪريٽري سڄڻ مائري ۽ ٻين چيو ته ڪراچي جي جمالي پاڙي ۾ سنڌ جي سريلي فنڪار شمن علي ميرالي جي پورهيت ڀاڻيجي بابر علي ميرالي کي بيگناهه ۽ بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو، جنهن واقعي جو ڪيس مقتول جي وارثن جي فرياد تي حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو پر افسوس جو پوليس هن وقت تائين مقتول جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مقتول بابر علي ميرالي جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. هوڏانهن وارھ ۾ به فنڪارن رياض عباسي، زاڪر عباسي ، جاويد بروهي ، شهزاد حيدري ۽ ٻين پاران پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي هنن چيو ته فنڪار سر وکيري پيار محبت ۽ امن جو پيغام ڏيندڙ آھن، پر شمن ميرالي جي ڀاڻج بابر ميرالي کي هڪ گهري سازش تحت قتل ڪيو ويو جنهن جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، هنن مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ نامزد سمورا جوابدار گرفتار ڪري فنڪار جي ڀاڻج جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف شڪارپور ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن جي سڏ تي بابر علي ميراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو، امان الله جمالي، استاد گل حسن ملڪ، فياض لاشاري، ساگر رشيد ھڪڙو، سخاوت فراز اٻڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رستم موڙ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي، هنن چيو آهي ته شمن علي ميرالي جي ڀاڻيجي بابر علي ميرالي جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، سنڌ جي سريلي فنڪار شمن علي ميرالي جي پورهيت ڀاڻيجي بابر علي ميرالي کي بيگناهه پٺاڻ ذات جي جوابدارن بيدرديءَ سان قتل ڪيو جنهن واقعي جو ڪيس به داخل ڪرايو ويو آھي پر افسوس پوليس هن وقت تائين ڪوبه مک جوابدار گرفتار ناھي ڪري سگھي.
ميرپورماٿيلو ۾ به بابر علي ميرالي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي 2 ھفتا گذرڻ باوجود رفتار نه ڪرڻ خلاف سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن ضلعي گھوٽڪي طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، هنن چيو آهي ته فنڪار امن جا سفير آھن، ثقافت کاتي سميت چونڊيل نمائندن جي ھر خوشين ۾ شامل ٿيا آھيون پر افسوس سنڌ حڪومت ھن مھل تائين قتل ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس گرفتار ناھي ڪيو، مظاهرين سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته بابر ميرالي جي قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي نه ته سڄي سنڌ ۾ فنڪار سراپا احتجاج بڻجي ويندا…