سنڌ حڪومت وزيراعظم جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

0
241
سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت وزيراعظم جي ڪڻڪ رليز نه ڪرڻ واري لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير اسماعيل راهو وزيراعظم کي جواب ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت سال 2020 ۾سهي وقت تي ڪڻڪ رليزڪئي هئي، الزام لڳائڻ کان پهريان رڪارڊ ڏسي وٺو، سنڌ حڪومت هميشه سيپٽمبر،آڪٽوبر يا نومبر ۾ ئي ڪڻڪ رليز ڪندي آهي، اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته پي ٽي آئي حڪومت جي پاليسين هڪ زرعي ملڪ کي زرعي اجناس جو فقير بڻائي ڇڏيو، وزيراعظم صاحب ڇاهاڻ ملڪ فطري مان حاصل ٿيل چانور، ڪڻڪ ۽ کنڊسان هلندو، صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جولائي 2020 جو بحران سنڌحڪومت جي ڪري ٿيو ته پوءِ جنوري 2020 ۾ڪڻڪ جو بحران ڇو پيدا ٿيو؟، نالائق حڪومت ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڌيڪ ذخيرا ڏيکاري ڳري ڪميشن وٺي ڪڻڪ فيڊ ملز۽ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني، هن چيو آهي ته وفاق ايڪسپورٽ جي اجازت جي ٻئي مهيني ۾ قلت ڏيکاري، ڪڻڪ امپورٽ ڪري نه صرف ڪميشن ورتو پر ملڪي زرمبادلي جو نقصان به ڪيو، هن چيو آهي ته بني گالا وارن جي ڪرتوتن جي ڪري عوام جولائي 2020 ۾ سنگين ڪڻڪ بحران تڏهن ڏٺو جڏهن بمپر فصل لٿي 2 مهينا ٿيا هئا، عمران خان جي اي ٽي ايمز مشينن هڪ ڪروڙ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ ذخيرو ڪري جولائي ۾بحران پيدا ڪيو، صوبائي وزير چيو آهي ته عمران خان جي اي ٽي ايمز مافيا ذخيرو ٿيل ڪڻڪ بليڪ مارڪيٽ ۽ اسمگل ڪري خزاني تي 2 ارب روپين جو ڌاڙو هنيو، ذخيرا اندوزي ۽ اسمگلنگ کان اٽي جي پيدا ٿيندڙ قلت کي 36 لک ٽن مهانگي ڪڻڪ درآمد ڪري به پورو نه ڪيو ويو، سنڌ جي هارين کي ڪڻڪ جي قيمت في مڻ 2 هزار روپين کان وڌيڪ ڏني پئي وڃي، هن چيو آهي ته ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت 1800 روپيا في مڻ ڏئي ڪري مافيا آبادگارن کي لٽي رهي آهي…