ڪرپشن جو هاڻ ڪرڪيٽ ۾ وجود نه رهيو آهي:آءِ سي سي

0
310

دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن يونٽ جي جنرل مينيجر اليڪس مارشل چيو آهي ته ڪرڪيٽ ۾ هاڻ ڪرپشن جو ڪو وجود نه رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي راند صاف سٿري آهي، خاص طور تي ٽاپ ليول جي ڪرڪيٽ ۾ ڪا ڪرپشن ناهي، دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي غيرقانوني طريقي سان دولت ڪمائڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن، هو ڪرڪيٽ کي به هڪ موقعو سمجهن ٿا ۽ ڪجهه ڪاميابي حاصل ڪن ٿا. ياد رهي ته ڪجهه وقت پهريان آءِ سي سي جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ڪجهه مشهور ڪرڪيٽرن کي سزائون به ڏنيون ويون جن ۾ شڪيب الحسن، سنٿ جي سوريا، هيٿ اسٽريڪ ۽ نوان زوئيسا شامل آهن.ياد رهي ته ڪجهه وقت پهريان آءِ سي سي جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ڪجهه مشهور ڪرڪيٽرن کي سزائون به ڏنيون ويون جن ۾ شڪيب الحسن، سنٿ جي سوريا، ۽ نوان زوئيسا شامل آهن.