سنڌ حڪومت بهتر نتيجن لاءِ پنهنجا 500 اسڪول ٽي سي ايف کي ڏنا آهن: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

0
47
سنڌ حڪومت بهتر نتيجن لاءِ پنهنجا 500 اسڪول ٽي سي ايف کي ڏنا آهن: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه
سنڌ حڪومت بهتر نتيجن لاءِ پنهنجا 500 اسڪول ٽي سي ايف کي ڏنا آهن: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٽي سي ايف جي ڪامياب شاگردن ناليوارن يونيورسٽين ۾ داخلا ورتي آهي، انهن مان ڪيترا سي ايس ايس جا امتحان پاس ڪري چڪا آهن

مقامي هوٽل ۾  ”ڪراچي اسپرٽ: بوڪ لانچ اينڊ ميگسيسي ايوارڊ ري يونين“ جي سري هيٺ ٿيل پروگرام کي خطاب ڪندي وڏي وزير ٽي سي ايف جي 5 اسڪولن کان وٺي سڄي ملڪ جي 2000 اسڪولن تائين واري سفر کي ساراهيو

هن چيو ته سنڌ حڪومت بهتر نتيجن لاءِ پنهنجا 500 اسڪول ٽي سي ايف کي ڏنا آهن. ٽي سي ايف جي چيئرمين احسن سليم چيو ته سٽيزن فائونڊيشن 1995ع ۾ شهرين جي هڪ گروپ قائم ڪئي هئي، جيڪا هاڻي سڄي پاڪستان ۾ سرڪاري اسڪولن کي سنڀالي رهيو آهي