ڪراچي: تعليم، صحت، ورڪس، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سميت ٻين کاتن جا ڪيترائي ترقياتي منصوبا رولڙي جو شڪار بڻيل آهن، مختلف کاتن جي اختيارين پاران ڪجهه هفتا اڳ وڏي وزير جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاسن دوران به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو هو ته سندن کاتن ۾ ترقياتي منصوبا سست رفتاري جو شڪار آهن، هلندڙ سال به ڪيترا ميگا منصوبا مڪمل نه ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو هو. وڏي وزير پاران تعليم، صحت، پبلڪ هيلٿ ۽ ورڪس کاتن جي اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کين پابند پڻ ڪيو ويو هو ته ترقياتي منصوبا هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪيا وڃن.