ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ حڪومت صحت، تعليم، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، مڪاني ادارن، سنڌ پوليس، اينٽي ڪرپشن ۽ گورنر سيڪريٽريٽ سميت صوبائي حڪومت جي سمورن کاتن ۽ ماتحت ادارن ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن، مستقل، ايڊهاڪ، ڪانٽيجنسي ۽ ڪانٽريڪٽ جي بنيادن تي ڀرتي ٿيل ملازمن ۽ 3 سالن ۾ ناڻي کاتي کان جاري ٿيل بجيٽ توڙي خرچن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، ان حوالي سان سنڌ جي سمورن کاتن پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، تعليم، ڪاليج ايجوڪيشن، صحت، مڪاني ادارن، لائيو اسٽاڪ، ٻيلي کاتي، عشر زڪوات، اينٽي ڪرپشن، آبپاشي، ناڻي کاتي، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن، خوراڪ کاتي، ورڪس، زراعت، معدني وسيلا ۽ ٻين کاتن جي سيڪريٽرين، آءِ جي سنڌ ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ جي چيئرمين کان مالي سال 2018_19ع کان هلندڙ مالي سال 2020_21ع تائين 3 سالن ۾ کاتن کي ترقياتي ۽ غيرترقياتي منصوبن لاءِ جاري ۽ خرچ ٿيل رقم جا تفصيل گھرايا ويا آهن، سنڌ پوليس جي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي )، اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين ۽ ٻين ادارن ۽ کاتن جي سربراهن توڙي صوبي ۾ هلندڙ ميگا ترقياتي منصوبن جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته کاتن ۾ هلندڙ منصوبن جي ڪارڪردگي رپورٽ به پيش ڪئي وڃي. ان سان گڏوگڏ مستقل، ايڊهاڪ، ڪانٽيجنسي ۽ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ڪم ڪندڙ ملازمن جا انگ اکر ۽ سندن پگھارن جا تفصيل گھرايا ويا آهن. چيف سيڪريٽري پاران کاتن جي سربراهن ۽ آءِ جي سنڌ ڏانهن لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ان معاملي جي به آگاهي ڏني وڃي ته کاتن ۾ روزاني جي وهنوار ۾ قاعدن ۽ ضابطن تي ڪيترو عمل ٿئي پيو؟ اهو به تفصيلي آگاهه ڪيو وڃي. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته مالي سال 2020_21ع جي پڄاڻي ۾ اڍائي مهينا رهجي وڃڻ باوجود ترقياتي منصوبن ۾ سست رفتاري ۽ غيرترقياتي منصوبن ۾ شاهي خرچن وارين شڪايتون کانپوءِ اهڙا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.