ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڊي ايس پيز جون بدليون، آءِ جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊي ايس پي سيد علي حسين، ڊي ايس پي راجا اظهر محمود ۽ ڊي ايس پي اعظم حيات خان  جون خدمتون ايڊيشنل آءِ جي (اسپيشل برانچ) ۽ ڊي ايس پي جاويد حسين فاروقي جون خدمتون ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي حوالي ڪيون ويون، جڏهن ته ڪي پي او ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ڊي ايس پي محمد اشتياق غوري کي بدلي ڪري سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. هوڏانهن ڊي ايس پي ڪمپلينٽ سيل سکر صاحب ڏنو لانگاهه کي هٽائي کيس سي پي او ۾  رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته عبدالقيوم مهر کي ڊي ايس پي ڪمپلينٽ سيل سکر مقرر ڪيو ويو.