جھول (ن پ ا) 4 مھينا اڳ مذهب مٽائي شادي ڪندڙ ناري کي مڙس طلاق ڏئي ڇڏي، احتجاج، ان ڏس ۾ جھول واسڻ ناري  حسينا احتجاج ڪندي چيو ته 4 مھينا اڳ جامعه عربيه سعديه مدرسه نوابشاھ ۾ اسلام قبول ڪري سانگھڙ واسي نوجوان عظمت مري سان شادي ڪئي، مڙس بااثرن جي چوڻ تي مون کي طلاق ڏئي گھران ڪڍي مائٽن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته مون کي پنھنجي والد،  مامي ۽ ٻين بااثرن سميت ايس ايچ او جھول مان خطرو آھي، مون کي دارالامان ۾ موڪلي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.