سنڌ جا خدشا ختم ڪرڻ گهرجن

0
117
وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ نئين ڊجيٽل آدم ڳڻپ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي آهي.

چوڻي آهي ته “نانگ جو کاڌل نوڙي کان به ڊڄندو آهي”،  سنڌ به انهي ڪيفيت ۾ ڪيترن سالن کان گذاري رهي آهي.ان جي وسيلن تي سدائين ڌاڙو هنيو ويو آهي ،ان جي پاڻي جي چوري اڃا تائين بند نه ٿي ٿئي ،نوڪرين جي ڪوٽا ۾ اها سدائين نظرانداز ٿيندي رهي آهي ،وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ ان جو حصو  ان جي حق جيترو نه هوندو آهي.سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙڻ باوجود ان کي موٽ ۾ پورو حصو نه ٿو ملي.اهي ۽ ان جهڙيون ٻيون کوڙ ڳالهيون آهن جن لاءِ سنڌ سدائين شڪايت ڪندي رهي آهي احتجاج ڪندي رهي آهي پر پوءِ به ان جي آواز کي موٽ ناهي ملي، اها اڄ به ايئن ئي شڪايتون ڪندي رهي ٿي.هن وقت وري هڪ نئون مسئلو سنڌ جي سامهون آهي جنهن تي سڄي سنڌ خدشا ڏيکاري رهي آهي ته ڊجيٽل آدمشماري سنڌ خلاف ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي جنهن تي سنڌ جي حڪمران جماعت به خدشا ڏيکاريا آهن ته باقي ٻيون قومپرست پارٽيون توڙي ساڃاهه وند احتجاج ڪري رهيا آهن.

آئيني طور آدمشماري هر ڏهين سال ڪرائڻي هوندي آهي پر هتي عجيب ٿي رهيو آهي ته ڪنهن هڪ پارٽي کي خوش ڪرڻ لاءِ انهي آئيني گهرجي کي به لتاڙيو پيو وڃي ۽ حڪمران جماعت جي اتحادي پارٽي کي خوش ڪرڻ لاءِ وقت کان اڳ آدمشماري جو اعلان ڪيو ويو آهي.سنڌ اهو واحد صوبو آهي جنهن  جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ لکين ماڻهو غير قانو طور ترسيل آهن روزگار ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ جي ناڻي ۽ وسيلن تي بار بڻيل آهن.سنڌ جا ماڻهو ته مطالبو ڪندا رهيا آهن پر ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت به اهو حڪم ڏئي چڪي آهي ته سنڌ ۾ ترسيل غير قانوني پرڏيهين کي ڪڍيو وڃي جيڪي صوبي ۾ ڏوهاري ۽ دهشتگردي جي وارداتن ۾ ملوث آهن.وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون اهي قدم کڻڻ بدران اهڙي آدمشماري طرف  وڃي رهيون آهن جنهن ۾ اهي ڌاريا به ڳڻجي ويندا ۽ انهن جي ڳڻپ جي بنيادن تي خاص ڪري گادي واري شهر ۽ وڏن شهرن ۾ قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جي تڪن ۾ اضافي جو خدشو آهي جنهن سان اصل سنڌ واسي ڳڻپ ۾ گهٽجي ويندا.سنڌ کي آدمشماري تي اعتراض ناهي پر انهي طريقي تي اعتراض آهي جنهن سان غير قانوني طور ترسيل به سنڌ جي آدمشماري ۾ شامل ٿي ويندا.سنڌ ۾ ڪجهه مهينا اڳ آيل ٻوڏ سبب ٻهراڙين ۾ هن وقت به لکين ماڻهو دربدر آهن جنهن ڪري اهو خدشو آهي ته شايد اهي انهي ڳڻپ ۾ رهجي وڃن ٻيو جيڪو سنڌ جو وڏي ۾ وڏو اعتراض ۽ خدشو آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط آدم ڳڻپ لاءِ ضروري قرار نه ڏنو ويو آهي جيڪو ماڻهو جتي هوندو  ان کي اتي ڳڻپ ۾ شامل ڪيو ويندو. هڪ طرف اصل سنڌ واسين جي  ٻوڏ سبب ڳڻپ کان رهجي وڃڻ جو خطرو آهي ته ٻئي طرف وري سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط نه هئڻ سبب لکين ڌاريا ڳڻپ ۾ اچڻ جو انديشو آهي جنهن جو فائدو ڪجهه لساني ۽ نفرت جي سياست ڪندڙ ڌرين کي ووٽ جي صورت ۾ ته پوندو پر سنڌ کي ان جو تمام گهڻو نقصان ٿيندو. ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي ته اهي ڌاريا ئي سنڌ ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ ڏوهي وارداتن ۽ دهشتگردي ۾ ملوث آهن جن کي هتان ڪڍڻ جي ضرورت آهي.

تازو ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ آدمشماري جي حوالي سان هڪ ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ سنڌ جي حڪمران پارٽي جي به نمائندگي هئي جنهن ۾ سنڌ جي خدشن جو اظهار ڪيو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته اها آدمشماري روڪرائي وڃي .اسان سمجهون ٿا ته  هي هڪ انتهائي حساس معاملو آهي جنهن تي رڳو هڪ اتحادي پارٽي کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي خدشن کي نه ٻڌڻ نه رڳو ناجائزي بلڪه ناانصافي هوندي تنهن ڪري سنڌ جي حڪمران جماعت وفاقي حڪومت سان ان معاملي تي لهه وچڙ ۾ اچي ۽ جيڪي به سنڌ جا خدشا آهن اهي ختم ڪرائي پوءِ آدمشماري طرف وڌڻ گهرجي.