سول اسپتال ميرپورخاص جي ايمرجنسي ڪپائونڊرن حوالي؟

 

سلام آهي انگريز سرڪار کي جنهن 1913ع ۾ جڏهن ميرپورخاص اڃا ننڍو شهر هو، ان جي بهترين منصوبابندي ڪندي هڪ عاليشان سول اسپتال عوام کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ڪري ڏني، جنهن کي اسان جي عوامي حڪومت 2021ع شهر جي وچ مان 6 ڪلوميٽر پري رتن آباد وٽ منتقل ڪري 8 لک جي ڊويزنل هيڊڪوارٽر جي غريب عوام کي گهر جي ويجهو علاج جي سهولت کان محروم ڪري ڇڏيو، نئين ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ پهچڻ لاءِ ڏينهن جو رڪشا 5 سئو ۽ رات جو 1000 رپيا وٺندو آهي، جيڪو ڪنهن غريب جي وس کان ٻاهر آهي. ميرپورخاص جي شهرين، وڪيلن، صحافين، واپارين ۽ سول سوسائٽي جي زبردست احتجاج تي سول اسپتال جي انتظاميا مجبور ٿي 3 مهينا اڳ پراڻي سول اسپتال ۾ مجبورن ايمرجنسي شهر ۾ بحال ڪئي هئي پر صحت کاتي جي ڪامورن ڪجهه ڏينهن ته ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊاڪٽر مقرر ڪيا ۽ دوائون به ڏنيون پر هاڻ 2 مهينن کان سول اسپتال جي ايمرجنسي جهڙي اهم وارڊ جي صبح منجهند ۽ رات وارين ٽنهين شفٽن ۾ ڪو به ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ڊيوٽي تي نه هوندو آهي ۽ مريضن کي ڪمپائونڊر چيڪ ڪندا آهن. ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي ته صحت کاتو هڪ طرف عطائي ڊاڪٽرن خلاف مهم هلائي ٿو ته ٻئي طرف پاڻ 8 لک جي آبادي واري شهر جي سول اسپتال جي ايمرجنسيءَ کي عطائي، سيکڙاٽ ۽ ناتجربيڪار ڪمپائونڊرن حوالي ڪري انساني زندگين لاءِ سنگين خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، رب نه ڪري ڪا هڪ يا ڪيتريون انساني زندگيون موت جي ور چڙهي سگهن ٿيون، ڪجهه مهينا اڳ هڪ شخص کي نانگ کاڌو هو جنهن کي رلايو ويو ۽ طاقتور ڌر سول اسپتال جي انتظاميا کان 5 لک ڀرائي ورتا، لڳي ٿو ته سرڪاري پئسي جي نشي ۾ مڌهوش سول اسپتال جا ڪرتا ڌرتا خوفِ خدا ۽ انسانيت کي وساري ويٺا آهن، پر خدا جي لٺ بي آواز آهي.

 

شير محمد ملڪاڻي/ ميرپورخاص

 

ٻولين جي عالمي ڏينھن ملھائڻ جو پروگرام!

 

سنڌي ادبي سنگت سنڌ ضلعي خيرپور پاران 21 فيبروري تي ٻولين جي عالمي ڏينھن تي ضلعي جي مختلف شاخن سان تعلق رکندڙ عھديدار پلي ڪارڊ، بينر کڻي سوڪ سينٽر پھتا. سڀني آيل دوستن جو سنڌي ادبي سنگت سنڌ ضلعي خيرپور جي رابطي سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر انور پرديسي آڌر ڀاءُ ڪيو. سڀني عھديدار، ميمبرن جي گڏجڻ بعد نامياري اديب انور پرديسي جي اڳواڻي ۾ اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن سان سلھاڙيل شخصيتن ھٿن ۾ “سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو” جا پلي ڪارڊ، بينر کڻي سوڪ سينٽر کان ريليءَ جي صورت ۾ نڪتاسين ۽ گڏوگڏ “سنڌي ٻولي قومي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيو” جا نعرا پڻ لڳاياسين. مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن بابت نڪتل ريلي ۾ مختلف ھنڌن تان ٻيا ماڻھون به شريڪ ٿيا ۽ پريس ڪلب پھتاسين، جتي مختلف چينلن ۽ اخبارن جي نمائندن آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ تاثرات ورتا. نامياري اديب، براڊ ڪاسٽر مختيار ملڪ چيو ته سنڌي ٻولي شاھوڪار ٻولي آھي، جنھن ۾ ادب جو وڏو ڀنڊار آھي. انگريزن جي دور ۾ به سنڌي ٻوليءَ کي وڏي اھميت حاصل ھئي پر افسوس جو آزاديءَ کان پوءِ ان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو. ساگر شفيق وساڻ چيو ته سنڌي ٻولي 5 ھزار سال پراڻي تھذيب، ثقافت رکندڙ ٻولي آھي، جنھن ۾ نثر توڙي نظم جو وڏو ڀنڊار موجود آھي، ايڏي وڏي پراڻي ۽ ادب سان مالا مال ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو نه ڏيڻ ٻولي ۽ ٻولي ڳالھائيندڙن سان ناانصافي آھي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنب جي سيڪريٽري ستار سنڌي چيو ته سڀ کان پھرين بنگالين مادري ٻولين کي ملھائڻ جي مطالبو گڏيل قومن جي يونيسيڪو ۾ ڪيو ۽ آخرڪار سندن ان مطالبي کي مڃتا ملي. اڄ سنڌ سميت پوري دنيا ۾ مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن  ملھايو پيو وڃي. ھن ڏينھن کي ملھائڻ جو مقصد مادري ٻولين جي اھميت ۽ افاديت بابت نئين نسل کي آگاھي ڏيڻ آھي.

 

ستار سنڌي/ڪنب‎‎

 

هاڻ ته مهانگائي صفا ساهه ٿي ڪڍي، آخر ڪنهن در دانهن ڏيون!؟

 

هڪ سال اڳ پي ٽي آءِ جي حڪومت خلاف ملڪ جي تقريبن سڀني پارٽين گڏجي هڪ اتحاد پي ڊي ايم جي نالي سان ٺاهي حڪومت طرفان ڪيل مهانگائيءَ خلاف اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اهم ڪردار رهيو ۽ پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ کان اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪيو، جنهن کي نالو ئي “مهانگائي مارچ” جو ڏنو ويو هو ۽ ايئن لانگ مارچ سان گڏ روزانو جلسا ۽ جلوس پڻ ڪڍيا ويا ۽ انهن سڀني جلسن جلوسن ۾ هڪ ئي نقطو کنيو ويو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آھي، ان ڪري ملڪ ۽ عوام کي خطرو آهي ۽ عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ۽ عمران خان جي حڪومت ختم ڪئي وڃي جيئن اسان سڀ پارٽيون گڏجي ملڪ کي خطرن مان ڪڍون ۽ مهانگائي ختم ڪري عوام کي سک سان رهايون، انهن جلسن جلوسن مهانگائي مارچ کان پوءِ عمران خان جي حڪومت خلاف قومي اسيمبلي ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ آندي ان جي حڪومت ختم ڪئي ۽ پي ڊي ايم پنهنجي حڪومت ٺاهي ورتي ته عوام کي ان حڪومت مان اها اميد هئي ته هي حڪومت ملڪ مان مهانگائي سميت ٻيا سڀ مسئلا حل ڪري اسان عوام کي سک سان رهڻ جو موقعو فراهم ڪندي، ڇو ته هنن جلسن جلوسن ۾ اهي ئي ڳالهيون ڪيون هيون پر عوام جي بدقسمتي چئجي يا هن پي ڊي ايم سرڪار جي پلاننگ چئجي جو هنن اچڻ سان ئي مهانگائي جي ايڪسيليٽر تي پير زور سان رکيو، جو هڪ سال اندر مهانگائي وڃي آسمان سان لڳي، جي شيون ٿوريون گهڻيون مهانگيون ٿين ها ته به خير هو ڇوته مهانگائي دنيا جي هر ملڪ ۾ ٿئي پئي پر هتي ته مهانگائي جو ريشو تمام گهڻو ٿيڻ سبب هاڻي مهانگائي صفا ساهه ٿي ڪڍي، مهانگائي سبب خرچ چوٽ چڙهي ويا آهن ۽ آمدني اها ساڳي جي ساڳي آهي، پر پيٽرول گئس ۽ ٽئڪس وڌڻ ڪري ڪيتريون ئي فيڪٽريون ڪارخانا بند ٿيڻ سبب بيروزگاري ٿيڻ ڪري آمدني اڳ کان به گهٽجي وئي آھي ۽ اسان جا موجوده حڪمران جن مهانگائي جا الزام هڻي عمران خان جي حڪومت ختم ڪئي، انهن وري ايتري مهانگائي ڪرڻ جو ذميوار به عمران خان کي ڄاڻائين ٿا.

 

محمد خالد ميمڻ/ ڦل شهر

ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيل نوجوان!‎‎

 

هي واقعو 5 ڏهاڙا اڳ ڇنڇر ڏهاڙي تي منجهند جي وقت جو هو ته صوفي منش انسان فقيري طبيعت جي مالڪ ۽ ڪولاب جيئل جو واپاري 28 سالا مظهر حسين ابڙو پنهنجي دڪان جي سامان لاءِ پنهنجي ڳوٺ ڪولاب جيئل کان کهڙا گمبٽ ڏانهن روانو ٿيو، ڪهڙي خبر ته هو پنهنجي حياتي وڃائي ويهندو؟ لاڙڪاڻو خيرپور ٽول پلازه ڪراس ڪندي سنڌڙي هوٽل کان سندس پويان موٽر سائيڪل سوار لڳا، جيڪي ماڙي ڊرٻ ميهر شاهه لنڪ روڊ تي ماڙي موڙ ۾ سندس کان پئسا ڦر ڪرڻ آيا، مزاحمت تي نوجوان مظهر ابڙو کي گوليون هڻي ڦر ڪري سولائيءَ سان فرار ٿي ويا. حد جي پوليس ۽ وارث کيس گمبٽ اسپتال کڻائي ويا پر مظهر جي رستي ۾ شهادت ٿي چڪي هئي. مظهر جي ڦر واري واقعي ۽ شهادت جي خبر علائقي ۾ باھ جيان پکڙجي وئي، جنهن کان پوءِ ڪولاب جيئل شهر بند ٿي ويو. مظهر جي لاش جي پوسٽ مارٽم لاءِ کيس خيرپور اسپتال روانو ڪيو ويو، جيڪو ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. شهيد مظهر جي شهادت جي خبر جڏهن سندس ماسات پوليس اهلڪار ياسر عرفان ابڙو جي ڪنن تي پئي ته صدمي ۾ اهو به وفات ڪري ويو. هڪ گهر مان 2 جنازا کڃڻ کان پوءِ علائقي ۾ قيامت صغريٰ جو منظر هو، هر اک آلي هئي، مظهر جي شهادت تي سندس وارث توڙي تڏي تي آيل هر اک آلي هئي، سندس والد نور محمد ملنگ ابڙو ۽ سندس والده توڙي ڀائر ۽ ڀينرون ۽ گهر واري بيهوش ٿي ويا. مظهر جا معصوم ننڍڙا 3 پٽ آهن، جڏهن سندس وڏي پٽ ساحل کي پڳ ٻڌرائي وئي ته تڏي تي ويٺل هر ماڻهو اوڇنگارون ڏئي رنو پئي، شهيد مظهر جا معصوم پٽ جن کي اڃا اها به خبر ناهي ته سندس بابا ڪاڏي ويو، انهن معصومن کي ٻالڪپڻ ۾ يتيم ڪيو ويو، آخر ان فقير ماڻهو جي ڪنهن سان ڪهڙي دشمني؟ اهڙي ڦوھ جواني واري صوفي منش انسان شهيد مظهر ابڙو جي قتل تي اسان سڀ ڳوٺ واسي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپورميرس مير روحل خان کوسو صاحب ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته مهرباني ڪري فوري طور تي شهيد مظهر ابڙو جي قتل جي جاچ ڪري سندس قاتلن کي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

 

آصف علي ابڙو/ ڪولاب جيئل

 

امير ترين ضلعي گھوٽڪي جي غريب ترين صورتحال!

 

ضلعو گھوٽڪي جن ڏکيائين سان منهن پيو ڏئي، انهن مان وڏي ۾ وڏو مسئلو فيڪٽرين جي هاڃيڪار گئسن جا جاندارن ۽ زراعت تي ناڪاري اثر ۽ تباهڪاريون آهن. اسان جي اوڀر ۾ وڏاھر مڇي جي واڌ ويجهه ۽ ذائقي ۾ پنهنجو مثال پاڻ ھو، سردار غلام محمد مھر جي شگر مل جو زھريلو پاڻي جاندارن ۽ مڇين جي تلائن لاءِ ڪنهن آفت کان گھٽ ناهي .ماڙي گئس، ايف ايف سي ۽ شگرملون جن مان خارج ٿيندڙ گئسون ھتان جي ماڻهن کي ڪينسر، ٽي بي، سلھ، ھيپاٽائٽس بي، سي، الرجي سميت ڪيترن ئي بيمارين ۾ وڪورڻ سان گڏ انساني ۽ حيواني جيوت لاءِ خطرناڪ آهن .ھي ضلعو گهڻن سردارن ھجڻ ڪري قبائلي رسمن ۽ ڪمزور سياسي سوچ ڪري پوئتي پئجي ويو آهي ھتان جو اهم مسئلو قبيلائي ۽ روايتي سياست آهي. 2010ع جي مھا ٻوڏ کان پوءِ ۽ 2022ع جي موتمار چوماسي جي برساتن سبب پورو علائقو روايتي ۽ محلاتي سازشن جو شڪار رھيو، جيجل سنڌ ھڪ ڀيرو ٻيھر پنهنجي ٻچڙن سميت ٻڏي وئي، ڪيترن ئي پاور پلانٽس ھجڻ باوجود بجلي اڻلڀ آهي، تمام وڏن صنعتي ادارن ھجڻ باوجود ھتان جي نوجوانن کي ٽيڪنيڪل مھارتن کان ڄاڻي واڻي محروم رکيو ويو آهي، گھوٽڪي ضلعو ڪراچي کان پوءِ ٽئڪس ڏيندڙ سڀ کان وڏو ضلعو آهي، ھتان جي رائلٽي پڻ علائقي واسين جي پھچ کان ڪونھين ڏور آهي، اسين مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جا وسيلا اسان تي خرچ ٿين، اسان جا روڊ رستا، اسان جون بجليون، اسان جي پاڻيءَ جا وھڪرا، اصلي حالت ۾ بحال ٿين، نوجوانن جي لاءِ ٽيڪنيڪل ادارا قائم ڪري انهن کي تربيت ڏئي تيار ڪري سندن ادارن تي ڌارين جي مالڪي بجاءِ حقدارن کي پنهنجو حق ڏنو وڃي. ذڪر ڪيل بيمارين جي علاج لاءِ کربين رپيا ماليت وارن ادارن طرفان مڪمل سھولتون ۽ سندن مفت علاج ڪرايو وڃي، ڪارو نارو ھونئن ته قدرتي نعمت آهي پر حڪمرانن جي بيڌياني ۽ مجرماڻي غفلت ڄڻ ته عذاب الاھي ٿي نازل ٿيو آهي. ايريگيشن ڊپارٽمينٽ گھوٽڪي جي صنعتي ادارن چونڊيل نمائندن کي اپيل آهي ته قدرتي وھڪري ڪارو نارو جي ھيڊ کان پڇڙيءَ تائين مڪمل کاٽي کڻائي ان ۾ ڇوڙن جا رخ ٺھرائي ھن علائقي کي پنهنجو اصلي اوج ڏياريو وڃي. صنعتي ادارن کان گھر ٿا ڪريون ته پوري ضلعي جي سروي ڪرائي سموريون بنيادي سھولتون رائلٽي مان مھيا ڪري ڏنيون وڃن تان هي علائقو پنھنجا حق حاصل ڪري.

 

بشير رضا مھر/ وڌڻ مھر، گھوٽڪي

 

اسان جي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ جو ذميوار ڪير؟‎‎

 

پاڪستان ۾ ھر ھفتي مهانگائي وڌي ٿي پر ڪڏھن به اسان سواءِ رڙيون ڪرڻ جي ٻيو ڪجھ به نه ڪري سگھيا آھيون ۽ ان جي اصل ذميوار عوام پاڻ آھي، ڇو ته ھر ڀيري حڪومت ٽئڪس مٿان ٽئڪس لڳائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي ۽ اسان ھڪ ٻئي کي سور پيا ٻڌائيندا آھيون. اڄ ڪلھ جي ھن جديد دور ۾ اسان جي ملڪ ۾ اھو ماڻھو ناھي، جنھن وٽ اسمارٽ فون نه ھجي، غريب کان غريب ھوندو ته به اسمارٽ فون لازمي رکندو آهي ۽ ان اسمارٽ فون ۾ جيڪڏھن دنيا جي سڀني ملڪن جي تاريخ، ڏسجي ته آئون يقين سان چوان ٿو ته ھر ماڻھو پنھنجي پاڻ کي موجوده ملڪي حالتن جو ذميوار نظر ايندو، گوگل تي وڃي ڏسجي ته ٻين ملڪن ۾ جڏھن حڪومت مهانگائي وڌائيندي آھي ته ان ملڪ جي عوام جو ڪھڙو ردعمل ايندو آهي، باقي اسان ٺلو ھڪ ٻئي کي پيا چونداسين ته فلاڻو وزيراعظم چور، فلاڻو چور، ان طرح سان ناڪام ئي وينداسين. اھو ئي وزيراعظم ۽ اھو ئي ملڪ ۽ اھو ئي عوام، جيڪڏهن ھڪ ٿي نڪري ۽ مهانگائي خلاف ٻيو ڪجھ به نه ڪيون رڳو 24 ڪلاڪ پنھنجو ڪاروبار بند ڪري ھر شيءِ جو باقاعدي بائيڪاٽ ڪجي ته 24 ڪلاڪ گذرڻ کان اڳ اھا ئي حڪومت، سڌي نه ٿئي ته چئجو. جاپاني عوام جي ھڪ بائيڪاٽ جو ٻڌائيندو ھلان ته پراڻي ڳالھ آھي ۽ انٽرنيٽ تي ملي به ويندي، جاپان جي حڪومت ان وقت پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو ڪيو ٻه يا ٽي (JPY YEN) انھن جي ڪرنسي ۾ ته اتي جي عوام جيڪو جتي بيٺو هو يا وڃي رهيو هو ان پنھجي گاڏي اتي ئي ڇڏي ڏني، پنڌ پي ويا، اھڙي طرح سان شام تائين پوري جاپان جون ڳاڏيون روڊن تي بيھي ويون، عوام گھرن ڏانهن ھليو ويو ۽ ان وقت حڪومت اعلان ڪيو ته اسان پنھنجي عوام کان معافي ٿا وٺون ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل پراڻي اگھه تي وڪرو ڪرڻ جو اعلان ٿا ڪيون، پر مھرباني ڪري بائيڪاٽ ختم ڪيو. ان کان پوءِ عوام واپس گاڏيون استعمال ڪرڻ شروع ڪيون. اسان اڄ به ذھني طور ھڪ غلام آھيون ۽ ٻيو وري پنھنجي مقصد لاءِ ڪوشش ڪندا آھيون ته منھنجو ڪم ٿئي باقي ٻين جو مون ٺيڪو نه کنيو آهي. اصل اسان ۾ بيماري اھا ئي آھي، اھا بيماري اسان مان نڪري وڃي ته يقينن اسان ترقي ڪري ٿا سگهون.

 

يو ڪي راهمون/ ڪيرلو

 

ضلعي ڪشمور ۾ قائم ٿيل ڌاڙيلن جو راڄ!

 

ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعو سنڌ جو واحد امن امان وارو ضلعو ھو جيڪو ھن وقت تائين ڌاڙيلن جي ور چڙھي ويو آهي، ضعلي اندر ڏوھاري روزانون مختلف قسم جون وارداتون ڪن ٿا، معصوم ٻارڙن توڙي روز مزدوري ڪندڙ پورھيتن ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري رھيا آھن، جڏھن ته اغوا ڪندڙن جون غير اخلاقي ۽ تشدد واريون ويڊيوز پڻ ڏوھاري مختلف سوشل اڪائونٽنن تي اپلوڊ ڪن ٿا. ڪڏهن وري جديد ھٿيار ڏيکاري پوليس ۽ انتظاميا کي چئلينج ڪري رھيا آھن، ڪجھ ڏينهن اڳ کوسا برادريءَ جي معصوم نينگريءَ کي اغوا ڪيو ويو، جنھن جي وارثن پاران ٻارڙي جي بازيابي لاءِ مظاهرو ڪيو ويو، افسوس جو ضلعي جو دبنگ ايس ايس پي عرفان سمون ڏوھارين کي قابو ڪرڻ بجاءِ ابتو کوسا برادري مٿان ڪڙڪي پيو، جنھن ۾ شھرين احتجاج ڪندڙ کوسا برادري جي ماڻھن سميت مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن سميت مظاھري ۾ شريڪ ٽي ماڻھن مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪري معصوم نينگر جي وارثن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ھيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ھي ضلعو صدين کان آزاد ھو پر اوچتو رھزنن جي ور چڙهي ويو آهي. ھتي رستي ويندڙ مسافر، شھري، اسڪولي ٻارڙا، مدرسن جا طالب، روز مزدوري ڪندڙ ماڻھو ويچارا غير محفوظ بڻجي ويا آهن. سنڌ حڪومت ڪچي جي علائقي ۾ ڏوھارين جي مقابلي لاءِ ڪو تحرڪ نه ورتو آھي، ضلعي ۾ ڏوھارين پاران پھنجو راج قائم ڪيو ويو آھي.

 

مختيار بلوچ/تنگواڻي

نون پرائمري استادن کي پگهارون جاري ڪيو!‎‎

 

2022ع ۾ IBA سکر جي ذريعي ڀرتي ٿيل پرائمري استادن کي ڏھ مهينا گذري چڪا آهن پر انهن کي هن وقت تائين انهن جون پگهارون جاري نه ٿي سگهيون آهن، هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ جي دور ۾ ڪافي استاد مختلف پرائيويٽ ادارن ۽ ڪمپنين ۾ ڪم ڪندا هئا، جيڪي ميرٽ تي اچي تعليم کاتي ۾ استاد ٿيا ۽ پنهنجون خدمتون سنڌ حڪومت حوالي ڪيون اٿن پر نتيجي ۾ هن وقت تائين سنڌ حڪومت بجيٽ بڪ ۽ ٻيا سبب ڄاڻائي انهن جون پگهارون جاري نه ڪري سگهي آهي، 2021ع ۾ آيل اشتهار کي ٻه سال ٿيڻ کان پوءِ به حڪومت اسڪيل روائيز نه ڪري سگهي آهي، ڪافي استاد 20 کان 30 ڪلوميٽرن تائين سفر ڪري اسڪولن تائين پهچڻ ٿا، اڄوڪي مهانگائيءَ جي دور ۾ جتي پئٽرول 272 رپيا في ليٽر ملي ٿو، ان کان سواءِ گهر ٻار ۽ ذاتي خرچ ڪيئن هلائي سگهجن ٿا. اسين پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته نون پرائمري استادن جون پگهارون جاري ڪري انهن جي پريشاني ۽ بيچيني ختم ڪئي وڃي ته جيئن هو بهترين نموني سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي سگهن.

 

بابر علي ڀيو/ لاڙڪاڻو

بوائز پرائمري اسڪول غوث بخش ڄامڙو جي سار لهو!

 

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول غوث بخش ڄامڙو ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، مستقبل جا معمار پٽ تي ويهي تعليم پرائين ٿا، وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم صرف دعوائن ڪرڻ ۾ مصروف آهن. پيپلزپارٽيءَ جي وزيرن ۽ مشيرن جي پتِ وائکي ٿي وئي. شاگردن ۽ شاگردياڻيون معجزن جو انتظار ڪرڻ لڳا. راڻيپور جي ڳوٺ غوث بخش ڄامڙو ۾ گورمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ بنيادي سهولتون نه ھجڻ ڪري هتان جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پٽَ تي ويهي تعليم پرائي رهيا آهن، تڪ جي چونڊيل نمائندن سميت تعليم جو وزير سيد سردار شاھ ۽ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري ۽ موجودہ سيڪريٽري ناريجو صرف ٺليون دعوائون ڪرڻ ۾ مصروف لڳا پيا آھن، رابطي ڪرڻ تي اسڪول جي ھيڊ ماسٽر شعبان شيخ ۽ استاف مختيار حسين ڄامڙو موجب اسڪول ۾ 70 شاگرد داخل آھن، اسڪول ۾ فرنيچر جي تمام گھڻي کوٽ آھي، جنهن جي ڪري شاگرد ۽ شاگردياڻيون کجيءَ جي ٿُڙ تي ويهي سبق وٺي رھيا آھن. هن اسڪول جي پراڻي بلڊنگ پڻ زبون حاليءَ جو شڪار ٿي وئي آھي. اسان جي تعليم واري وزير سيد سردار شاھ ۽ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري ۽ موجود سيڪريٽري احمد بخش ناريجو کي اپيل آھي ته اسڪول طرف ڌيان ڏئي اسان ۽ شاگردن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي. اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ٻڌايو ته دنيا جا ملڪ زمين کان آسمان تائين وڃي پهتا آھن پر اسان ھتي پٽ تي ويهي تعليم پرائي رھيا آھيون، اسان انهيءَ جي ڪري بدنصيب آھيون جو اسان مٿان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قرض چڙھيل آھي. ھاڻي اسان کي خبر نٿي پوي ته اھو قرض ڪڏھن لهندو ۽ اسان مٿان ھيءُ ڏکن جا اڀريل سج ڪڏھن ختم ٿيندا؟ اسان ڪهڙي اپيل ڪريون، سيد سردار شاھ ۽ اڪبر لغاري صاحب صرف ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي پاڻ کي وڻائڻ لاءِ واھ واھ ڪرائي رھيا آھن، انهن کي ڪهڙي سڌ ته مسڪينن جا ٻار ڪهڙين تڪليفن مان گذري رھيا آھن ۽ ڪيئن تعليم پرائي رھيا آھن. تعليم واري وزير سيد سردار شاھ، سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري ۽ موجود سيڪريٽري احمد بخش ناريجو جا ٻار ته سٺن اسڪولن ۾ تعليم پرائي رھيا آھن ۽ اسان ھن حال ۾ آھيون. خدارا اسان کي اسڪول جي عمارت ۽ فرنيچر ڪتاب پڻ ڏنا وڃن.

 

فياض حسين راڄپر/خيرپور