سنڌڙي (رپورٽ: اسد شر) سنڌڙي تعلقي جي 15 ھاءِ اسڪولز ۽ 8 مڊل اسڪولز جا 1436 شاگرد نصابي ڪتابن کان محروم، 23 ھاءِ اسڪولن ۽ مڊل اسڪولن جي 3272 شاگردن مان رڳو 1836 شاگردن کي نصابي ڪتاب ملي سگھيا، نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي سائنس مضمونن جا اھم ڪتاب فزڪس، بايولاجي، ڪيمسٽري ۽ رياضي جي ڪتابن کان شاگرد محروم آهن، ان حوالي سان مليل معلومات موجب ميٽرڪ جي 552 شاگردن مان فقط 285 شاگردن کي ڪتاب مليا، 267 شاگرد ڪتابن کان محروم آهن، نائين ڪلاس جي 646 شاگردن مان 285 شاگردن کي ڪتاب ملي سگهيا، 361 شاگرد بغير ڪتابن جي اسڪول وڃن ٿا، اٺين ڪلاس جي 667 شاگردن مان 386 شاگردن کي ڪتاب مليا، 281 شاگرد بغير ڪتابن جي اسڪول حاضر رهن ٿا، ستين ڪلاس جي 699 شاگردن مان 440 شاگردن جا ڪتاب آيا، 259 شاگرد اڃا تائين ڪتابن لاءِ واجهائي رهيا آهن، ڇھين ڪلاس جي 708 شاگردن مان 440 شاگردن کي ڪتاب مليا، 268 ايئن ئي ڪلاسن ۾ ويٺل آھن، ان ڏس ۾ گسٽا اڳواڻ فاروق بروھي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته تعليمي سال شروع ٿيڻ باوجود اڍائي ارب روپين جا ڪتاب نه ورھائجي سگھيا آهن، ڪتابن جي 50 سيڪڙو کوٽ آھي، هن چيو ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ خبر ناھي ڪنھن جي ذمي ڪم لڳايو آهي جو مين سائنس جا سبجيڪٽ وارا ڪتاب پھتا ئي ناھن ۽ آفيسر ھر سال جيان آسرا پيا ڏين، جڏهن ته ٻارن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته شاگردن کي ڪتاب ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.