ٺٽو (رپورٽر) سياسي سماجي، علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن توڙي عورتن ٺٽي ۾ منشيات وڪري تي سخت ڳڻتي ظاھر ڪندي سماجي براين خلاف جاڳرتا مھم ۽ منشيات خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، ان ڏس ۾ مڪلي ۾ عورت فائونڊيشن پاران سڏايل سيمينار کي تنزيلا انصاري، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر وڪيل فرحان شمس ميمڻ، ٽي اي او فيميل عائشه جاکرو، محمد حسن سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عورتون ۽ ٻارڙا منشيات واپرائين ٿا، منشيات سبب سماجي مسئلا تيزي سان وڌي رهيا آهن، جنهن ڪري مقامي سطح تي جاڳرتا مھم هلائي منشيات مان جان آجي ڪرائي سگھجي، ھنن چيو ته منشيات جي وڌندڙ آزار سبب لاڙ جو خطو انيڪ مسئلن جي ور چڙهي ويو آھي، سيمينار ۾ گڏيل طور ضلعي ۾ تعليم ۽ صحت جي سڌاري سميت منشيات توڙي سماجي براين خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائڻ سان گڏ آگاھي مھم جو پڻ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو .