ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي سپر اسٽار سلمان خان فلم ورڪرن کي راشن ۽ رقم ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب سلمان خان گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو آهي ته ڪورونا صورتحال سبب هن وقت ڀارتي فلم انڊسٽري وڏي بحران ۾ آهي انڪري هو فلم اندسٽري جي 40 هزار ڪارڪنن کي مهيني جو راشن ڏيندو. هن چيو ته ڏکين حالتن سبب هر ڪارڪن کي 15 سئو رپيا ڪيش پڻ ڏنا ويندا. سلمان خان چيو ته بدترين صورتحال سبب فلم انڊسٽري جي ڪارڪنن جي مالي سهائتا ڪرڻ اسان جو فرض آهي.