مبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ۽ ڀوڄپوري فلم انڊسٽري جي سينيئر اداڪاره سري پراڍا ڪورونا سبب ديهانت ڪري وئي. ڀارتي ميڊيا جي مطابق، ڏکڻ هندستاني اداڪارا سري پراڍا تازو ئي ڪورونا جو شڪار ٿي هئي. اداڪاره جي موت جي تصديق سائين اينڊ ٽي وي آرٽسٽ ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري اميت بهل ڪئي. سينيئر اداڪاره سري پراڍا ڀوڄپوري فلم انڊسٽري سان تعلق رکندڙ مشهور اداڪارن سان گڏ ڪم ڪري چڪي آهي، انهن روي ڪشن سان گڏ بلاڪ بسٽر فلم’هم تو هو گئي ني توهار‘ ۾ به ڪم ڪيو هو.