سلطانپور( ن پ ا) سلطانپور ۾ سماجي براين، بدامني، روڊن رستن جي تباهي، بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف جمعيت علماءِ اسلام يونٽ گلشن حماد پاران ست يوسين جي مقامي اڳواڻن پاران صوبائي اڳواڻ مولانا غلام الله هاليجوي، ضلعي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد صالح انڍڙ، قاري سيف الرحمان سمائر، حافظ عتيق الرحمان ملڪ جي اڳواڻي ۾ خاصو اسٽاپ کان سلطانپور پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته سلطانپور سميت سکر ضلعي ۾ بدامني عروج تي آهي، پوليس بيوس نظر اچي رهي آهي، ٻهراڙﻱ جا روڊ رستا مڪمل تباھ حال آهن بجلي جو نظام درهم برهم آهي تڪ جا چونڊيل نمائندا سياست بدران ڪاروبار ڪري رهيا آهن، شهرن ۾ بنگلا ۽ ملڪيتون ٺاهي رهيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته احتجاج کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو ته جمعيت علماءِ اسلام جا ڪارڪن ٿاڻن ۽ ڪامورن جي آفيسن اڳيان ڌرڻو هڻندا، جنهن کان پوءِ تڪ جا چونڊيل نمائندا به آرام سان ويهي نه سگھندا.