سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ نار جي رياستن ۾ قرباني جي عيد ملهائي پئي وڃي

0
169

سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ نار جي رياستن ۾ عيدالاضحيٰ اڄ ملهائي پئي وڃي، مسجد الحرام مڪه مڪرمه  ۽ مسجد نبوي مدينه منوره ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي وئي

 سعودي عرب ۾ حج پانڌيئڙا اڄ وڏي شيطان کي پٿريون هڻي رهيا آهن، حاجي سڳورا قرباني ڪري مٿو ڪوڙائيندا ۽ احرام کولي ڇڏيندا، پوءِ طواف  ۽ زيارت ڪندا، برطانيا، ڪئنيڊا ۽ آمريڪا ۾ به هن ڀيري مسلم ڪمينوٽيز  ورهايل آهن

 ڪجهه ماڻهو اڄ ۽ ڪجهه سڀاڻي عيد ملهائيندا، پاڪستان ۾ بوهري برادري اڄ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش ۽ خروش سان ملهائي رهي آهي، ڪراچي جي علائقي صدر ۾ بوهري جماعت طرفان طاهري مسجد ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي وئي

 سنت ابراهيمي  جي ادائيگي لاءِ جانورن جي قرباني، عيد نماز جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت، طاهري مسجد طرف ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويا

هي به پڙهندا

مسلمانن کي سمورا ويڇا ختم ڪري گڏ ٿيڻ گهرجي: امام ڪعبه جو حج خطبو