سعودي- ايران سفارتي لاڳاپن جي بحاليءَ ڏانهن وڌندڙ وک

0
159
ڪلالڪا هَٽَ، اسپرٽ جو واهپو ۽ زندگين جو زيان

اسلامي دنيا جي ٻن اهم ملڪن سعودي عرب ۽ ايران ۾ 2016ع ۾ سعودي عرب جي تهران سفارتخاني تي حملي کانپوءِ ختم ٿيل سفارتي لاڳاپا بحال ٿيڻ جي اميد پيدا ٿي آهي. ٻئي ملڪ سفارتي لاڳاپن تي رضامند ٿيا آهن، جن جي ٻن مهينن اندر بحاليءَ جي اميد ڪئي پئي وڃي. چين جي ٽياڪڙيءَ ۾ ٿيل ان وڏي اڳڀرائيءَ کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي معاملن وارن وزيرن جي سڌي ملاقات ٿيندي. گڏيل قومن واري اداري جي سيڪريٽري جنرل سميت مختلف عالمي اڳواڻن طرفان خطي جي امن جي حوالي سان ٿيل ان تمام وڏي پيش رفت کي ساراهيو پيو وڃي.

سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ آمريڪا هن دنيا جو واحد سپر پاور بڻجي ويو، جنهن پنهنجن مفادن خاطر ڪڏهن تاريخ ۾ عروس البلاد جي سڃاڻپ سان موجود بغداد سميت سڄي عراق جي سکي ستابي تهذيب کي کنڊرن جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ته ڪڏهن وري نيٽو اتحادين جي “ست بگهاڙي” سان گڏجي افغانستان جي جبلن کي ڪنهن جنڊ آهوڙي جيان ميزائلن سان چچريندو رهيو. ڪڏهن آمريڪا دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي نالي ۾ پنهنجن مفادن جي جنگ لاءِ مختلف ملڪن کي مجبور ڪندو رهيو. آمريڪا جي انهن ئي خطي جي توانائيءَ جي ذخيرن تي قبضي واري مشن ۽ ذهنيت جو شڪار ايران پڻ ٿيو، جيڪو اڃان تائين پابندين کي ڀوڳي رهيو آهي. سعودي عرب سان ڇڪتاڻ هن خطي ۾ ايران کي ويتر اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. نه صرف آمريڪا ايران کي اقتصادي پابندين سان سوڙهو ڪري ان کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو، پر اسرائيل کي هُشي ڏئي ايران کي حملن جي خطري هيٺ آڻي ڇڏيو. ٻئي طرف سعودي عرب ۽ ايران جي اختلافن به آمريڪا ۽ اسرائيل کي راهون سهل ڪري ڏنيون. ان حقيقت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي ته سعودي عرب ۽ ايران جي اختلافن سان رڳو انهن ٻن ملڪن کي نقصان نه پهتو پر، مسلم دنيا ٻن “مسلڪي بلاڪن” ۾ ورهائجي وئي. شام هجي يا عراق، يمن هجي يا لبنان، انهن ٻنهي ملڪن جي مفادن جي جنگ مختلف خطن ۾ وڙهي پئي وئي. ٻئي طرف چين کي پڻ جيڪي خطرا هئا، جنهن لاءِ ان ضروري سمجهيو ته ترڪيءَ سميت مختلف ملڪن مان جيڪي ويڙهاڪ چين خلاف ڪارروايون ڪرڻ لاءِ آتا آهن، انهن تي، جيڪي سعودي ۽ ايران جي ڌاڳي ڦيڻي ۾ ٿي سگهن ٿا، اثر وجهجي. ائين به ڪونهي ته سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ سان ٻئي ملڪ کير کنڊ ٿي ويندا، پر اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته خطي ۾ جٽادار امن جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا، جنگ جي خطري وارا ڪارا ڪڪر ختم ٿي سگهن ٿا. غير يقينيءَ جي فضا ختم ٿيڻ جي اميد جو روشن سج اڀرندو. ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سعودي عرب ۾ سعودي قيادت جي قدمن سان تبديليءَ جي سيبائجندڙ هير گهُلي آهي ۽ ايران ۾ تازن احتجاجن به شايد ايراني قيادت به اهو محسوس آهي ته، پابندين جي کوهه ۾ زندگي گذاري نٿي سگهجي. ٻي ڳالهه اها ته جڏهن عرب ملڪ اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ کي خراب نٿا سمجهن ته پوءِ ايران آخر ڪهڙي اربع خطا ڪئي آهي، جو ان کي نيڪالي ڏجي؟ ايران سان سفارتي لاڳاپا منقطع ٿيڻ سان به ايران لاءِ مشڪلاتون وڌيون.

ايران ۽ سعودي عرب جي سفارتي لاڳاپن لاءِ رضامنديءَ واري اڳڀرائيءَ کي اسان تحسين جي نگاهه سان ڏسون ٿا. اسان سمجهون ٿا ته، خطي ۾ جٽادار امن لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهتر لاڳاپا جٽادار امن لاءِ ضروري آهن. ان سان ايران جي اڪيلائپ به ختم ٿيندي ۽ اسلامي دنيا ۾ ان بنياد تي ٿيل واضح صفبندي به پڄاڻيءَ ڏانهن وک وڌائيندي. ٻئي ملڪ پاڪستان جا برادر ملڪ آهن، انهن جي وچ ۾ بهتر لاڳاپا پاڪستان جي پڻ مفاد ۾ آهن.