عمران خان لاهور واري ريلي ملتوي ڪري ڇڏي

0
252

لاهور: عمران خان لاهور ۾ اعلانيل اڄوڪي ريلي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، پنهنجي ٽويٽ ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته قلم 144 رڳو پي ٽي آءِ جي ريلي روڪڻ لاءِ لڳايو ويو

عمران خان جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ ٻيون سرگرميون جاري آهن، رڳو زمان پارڪ جو گهيرو ڪري ڪنٽينر ۽ پوليس اٽالا لڳايا ويا آهن، پنجاب جو نگران وڏو وزير 8 مارچ جهڙا وڳوڙ ڪرائي چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهي ٿو

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان وڌيڪ چيوته ڪارڪن ان ڄار ۾ نه ڦاسن، اسان ريلي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

ٻئي پاسي شاهه محمود قريشي لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ ريلي نه ٿيندي، اسان نه ٿا چاهيون ته  پي ايس ايل ميچ متاثر ٿيڻ جو الزام اسان تي اچي، سڀاڻي عمران خان جي اڳواڻيءَ ۾ پرامن ريلي ڪڍنداسين

هي به پڙهندا

لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي ريلي، حڪومت قلم 144 لاڳو ڪري رينجرز کي طلب ڪري ورتو