لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پابندي پيل تنظيم ٽي ايل پي جي سربراهه سعد رضوي کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ ٽي ايل پي سربراهه جي گرفتاري بابت تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته هو ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل ناهي ته کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ملڪ شهزاد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني نظرثاني بورڊ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته سرڪاري وڪيل مطابق حافظ سعد رضوي عوام کي هراسان ڪرڻ ۽ حڪومت خلاف قدمن ۾ ملوث آهي. سرڪاري وڪيل جي حوالي سان تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته امن امان برقرار رکڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس برانچ جي هدايت تي سعد رضوي کي نظربند ڪيو ويو ۽ جنهن ڏينهن کي حراست ۾ ورتو ويو ان کان اپهرين نه ڪوئي پوليس اهلڪار شهيد ۽ نه ئي زخمي ٿيو هو.