سجاول (رپورٽر) سجاول پوليس جو صحافيءَ جي گهر تي ڇاپو، شهرين ۽ صحافين تي تشدد، ٽائيم نيوز رپورٽر کي کنڀڻ جي ڪوشش. خبر موجب رات دير سان ايس ايچ او جي اڳواڻيءَ ۾ صحافي رياض ميمڻ جي گهر تي پوليس ڇاپو هنيو. جهيڙي جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار جي نه ملڻ تي مقامي صحافي رياض کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. صحافين ۽ شهرين پاران مزاحمت تي پوليس صحافين ۽ شهرين تي تشدد ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون ويون. رپورٽنگ ڪرڻ آيل ٽائيم نيوز جي رپورٽر علي نواز ڀرڳڙيءَ کان اهلڪارن موبائيل فون ۽ ڪئميرا ڦري ورتي ۽ ڪوريج کان روڪي تشدد جو نشانو بڻايو. صحافتي تنظيمن چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن صحافين سان زيادتين جو ازالو نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس مقابلو ڄاڻائي رڪشا ڊرائيور کي هاف فرائي ڪري ڇڏيو هو.