شڪارپور (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور خط لکي ڊي اي او پرائمري ۽ سيڪنڊري کان بند پيل اسڪولن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. خبر موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ ايس ايس پي ۽ ميونسپل ايڊمنسٽريٽر کي ليٽر لکڻ کانپوءِ تعليم کاتي جي آفيسرن کي خط لکي ڇڏيو آهي، خط ۾ سيشن جج ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ۽ سيڪنڊري کان ضلعي شڪارپور ۾ کليل ۽ بند پيل اسڪولن جو تفصيل گهري ورتو آهي، خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ضلعي ۾ اسڪولن جي صورتحال جي ڄاڻ وٺڻ لاءِ جوڊيشل آفيسر اسڪولن جا دورا ڪندا، ان سلسلي ۾ ساڻن مڪمل تعاون ڪيو وڃي. روزاني پنھنجي اخبار جي سروي مطابق شڪارپور جي خانپور، لکي غلام شاهه ۽ ڳڙھي ياسين تعلقي سميت پڪي توڙي ڪچي جي ڳوٺن ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان 200 کان وڌيڪ پرائمري بوائز، پرائمري گرلس، مڊل اسڪول ۽ ھاءِ اسڪول بند پيل آھن، جن مان اڪثر تي بااثرن جو قبضو آهي.