سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ علي حسن بروھي ۾ بروھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا مسمات عظيمان بروھي، عبدالغني بروھي، مسمات سڪينه، پير محمد ۽ محمد سعيد زخمي ٿي پيا. جن کي ميرو خان اسپتال نيو ويو.