ڪيٽي بندر/جاتي/ ڳاڙهو/ڌاٻيجي (نمائندن وٽان) مسلسل برساتن سبب ٺٽي ۽ سجاول جي سامونڊي پٽي جا 17 ڳوٺ  سمنڊ جون ويرون چڙھڻ سبب پاڻي هيٺ اچي ويا، رستا بند، ڪيترائي رهواسي بي يارومددگار ويٺل، ان ڏس ۾ ڪيٽي بندر ويجھو ڳوٺ آچار جت کي ڏنل بچاءُ بند کي 40 فٽ گهارو لڳڻ سبب  بجاءُ بند ٽٽي ويو، سامونڊي ويرون مٿي چڙھي اچڻ ڪري ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ جي ڳوٺ عيسيٰ مرجھريو، خميسو ملاح، بابو سونارو، جاڙو ملاح سميت  10 ڳوٺن ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي داخل ٿي ويو آهي. جڏهن ته کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر جا ڳوٺاڻا لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هوڏانهن سمنڊ جون ويرون وڌڻ سبب جاتي جا  ڳوٺ حاجي ڏونگهر جت،حاجي قاسم ٿهيم،محمد ملاح،يوسف ملاح سميت 7 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ان حوالي سان متاثر ڳوٺاڻن اصغر جت، شاھ محمد، شاهد جت ۽ ٻين دانيهندي چيو ته  ھڪ طرف برساتي پاڻي ڳوٺن مان نيڪال ٿي نه سگھيو آهي، مٿان وري  سمنڊ جو کارو پاڻي ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو آهي. ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، بي يارو مددگار ويٺل آهيون،  شهري علائقن سان مڪمل طور تي رابطو ڪٽجي چڪو آھي، نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.