لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو سائنس، ادب ۽ آرٽ اسٽڊي سرڪل جي ڪوآرڊينيٽر سيف الله شيخ، ياسين ميمڻ، ڪلثوم عباسي ۽ ٻين طرفان انگريزي ادب شعبي جي چيئرمين حسين علي ڪنڀر جي اڳواڻيءَ ۾ نوجوانن کي ادبي تحريرون لکڻ ۾ پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ ڊاڪٽر اظھر علي شاهه جي صدارت هيٺ ورڪشاپ ڪوٺايو ويو. جنھن ۾ انگريزي ادب جي پروفيسر عبدالوحيد چانڊيو خاص مھمان طور شرڪت ڪئي. جڏهن ته محمد حنيف بروھي ورڪشاپ جي ڪاروائي هلائي. ورڪشاپ ۾ جميلا چانڊيو، ڪاشف مصطفيٰ تونيو، منور خاتون ھليو، ياسين ميمڻ ۽ ٻين گيت، غزل ۽ نظم پيش ڪيا. مھمان خاص پروفيسر عبدالوحيد چانڊيو ادب جو تعارف پيش ڪندي سٺي ادبي ليکڪ جون وصفون بيان ڪيون ۽ انھن وصفن کي اپنائڻ جو طريقو پڻ واضع ڪيو. ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اظھر علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته سائنس علم ۽ ڄاڻ جو خزانو آھي ۽ اھو علم پرائڻ کي اسين تعليم چئون ٿا پر تعليم سان گڏ تاديب تمام ضروري آھي ۽ تاديب ادب ذريعي حاصل ڪري سگھجي ٿي. تعليم ۽ تاديب کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ ۽ انھن ۾ تاثير پيدا ڪرڻ لاءِ وري اسان کي آرٽ جي ضرورت پوي ٿي.