فريد آباد (ن پ ا ) فريدآباد ويجهو بااثرن جي مبينا ظلمن خلاف ڳوٺ حمزو چانڊيو جي رھواسين عورتن ٻارڙن ۽ مردن  شمشاد چانڊيو، افسانه، لال خاتون، ابراهيم چانڊيو، جمن، انور علي، يعقوب، آصف الطاف، ديدار ۽ ٻين  پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانھيو ته علائقي جو بااثر ظالم اڪبر چانڊيو اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اسان جي زمينن گهرن ۽ ملڪيتن تي قبضو ڪيون ويٺو آهي. اسان پنهنجي گهرن کان به نٿا نڪري سگهون اسان پنهنجي ٻارڙن کي علاج لاءِ اسپتال ۽ تعليم لاءِ اسڪول به نٿا موڪلي سگهون، بااثر ھٿياربند وٺي اچي  اسان جي گهرن ۾ گهڙي اسان جي ٻچن عورتن کي اغوا ڪري کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ھٿياربندن جي گهيري ۾ آھيون.پوليس سندن آڏو بيوس بڻيل آهي. ڪارنھن جو ڪوڙو الزام ڏيئي فيصلو مڙھي 24 لک فيصلي ۾ ڏنڊ وڌو ويو.ڏنڊ جون قسطون ڏيڻ باوجود چڱي مڙس جي فيصلي تي به ڪو عمل نٿو ٿئي.اسان جون زندگيون خطري ۾ آھن ھنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدر آباد، ايس ايس پي دادو ۽ ٻيون لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ظالم خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ڏيئي  انصاف فراهم ڪيو وڃي.