نيويارڪ(دلچسپ نيوز) نارزو 50 اي ۽ نارزو 50 آءِ بابت تفصيل ته ڪيترن ئي مهينن کان سامهون اچي رهيا هئا پر هاڻ ڪمپني طرفان انهن کي پيش ڪيو ويو آهي.فونز ۾ اينٽري ليول ۽ مڊرينج فيچرز تي ڌيان ڏنو ويو آهي ۽ قيمت کي به گھٽ رکيو ويو آهي، ان فون ۾ 6.5 انچ جي ايل سي ڊي ڊسپلي ايڇ ڊي پلس ريزولوشن سان گڏ ڏني وئي آهي جنهن ۾ واٽر ڊراپ نوچ ۾ 8 ميگا پڪسل ڪيمرا لڪيل آهي.فون جي اندر ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 85 پراسيسر موجود آهي.اهڙيءَ طرح 4 جي بي ريم ۽ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج جا آپشن واهپيدارن کي دستياب هوندا جڏهن ته اسٽوريج ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ اضافو ڪري سگھجي ٿو.فون جي هڪ خاص ڳالهه اها آهي ته 6000 ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري ان جو حصو آهي جنهن سان گڏ 18 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ موجود آهي.نارزو 50 اي ۾ ايڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم کي ريئل مي جي يو آءِ 3 2.0 سان ليس ڪيو ويو آهي.ٻين فيچرز ۾ بيڪ تي فنگر پرنٽ اسڪينر ۽ هيڊ فون جيڪ ذڪر جوڳا آهن.فون جي هڪ ٻي خاص ڳالهه ان جو 3 ڪيمرائن وارو بيڪ ڪيمرا سيٽ اپ آهي.فون جي مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جي آهي ۽ پهريون ڀيرو نارزو سيريز ۾ايتري طاقتور ڪيمرا ڏني وئي آهي.ان کان سواءِ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل پورٽريٽ ڪيمرا ان سيٽ اپ جو حصو آهن.فون جو 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 156 ڊالرن (26 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۽ 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو فون 170 ڊالرن (28 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ دستياب هوندو.ان فون جي اسڪرين 50 اي جهڙي ئي آهي پر ڪيمرا ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان مختلف آهي.فون ۾ اينٽري ليول يوني ايس او سي ايس سي 9863 اي پراسيسر موجود آهي جنهن سان گڏ 2 کان 4 جي بي ريم ۽ 32 کان 64 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي.اسٽوريج ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ اضافو ڪري سگھجي ٿو.فون جي بيڪ تي 8 ميگا پڪسل جڏهن ته فرنٽ تي 5 ميگا پڪسل ڪيمرا موجود آهي.