برسٽل(انٽريسٽنگ نيوز) گذريل سال شهر برسٽل ويجهو سائيڪل سواري لاءِ ٺاهيل لين 60 سائيڪل سوارن کي زخمي ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڪينشام هاءِ اسٽريٽ تي هڪ سائيڪل لين نظري دوکو پيدا ڪري رهي آهي ۽ سائيڪل سوارن کي ڪيرائي زخمي ڪرڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. سائيڪل سوارن ٻڌايو ته لين جي هڪ پاسي سُرمائي رنگ جو ننڍو فٽ پاٿ آهي ۽ ٻي پاسي اڇي رنگ جي لائين ٺاهي وئي آهي جيڪا ظاهري طور تي لين جو حصو لڳي رهي آهي ۽ سوارن کي ان ڳالهه تي قائل ڪري رهي آهي ته سطح برابر آهي. ان حوالي سان هيل تائين 21 ڄڻن سائيڪل لين تيار ڪندڙ ڪائونسل خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.

 

هڪ مقامي ڪائونسل به خبردار ڪيو آهي ته لين جي ڊزائين ٺيڪ نه ڪئي وئي ته ڪو سائيڪل سوار خراب طريقي سان به زخمي ٿي سگھي ٿو.