سنگاپور(انٽريسٽنگ نيوز) سنگاپور ۾ پنهنجي دوست کي شهريت ڏيارڻ لاءِ ڀاڻجي سان فرضي شادي ڪرائيندڙ بزرگ شهري کي 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي. 73 ورهين جي ڀارت ڄائي ميران غني پنهنجي اڳوڻي آفيس جي ساٿي 55 ورهين جي عبدالقادر کي سنگاپور جي شهريت ڏيارڻ لاءِ پنهنجي 58 سالن جي سنگاپوري ڀاڻجي نورجان عبدالڪريم سان شادي ڪرائي. ميران پنهنجي اڳوڻي ساٿي کي چيو ته هن جي ڀاڻجي جي مالي حالت ٺيڪ ناهي پيسن جي سخت ضرورت آهي توکي شهريت گھرجي ان ڪري جيڪڏهن تون فرضي شادي ڪر ۽ ڪجهه رقم ڀاڻجي کي ڏي ته ٻنهي جو مسئلو حل ٿي ويندو. جنهن تي عبدالقادر نورجان کي 25 هزار سنگاپوري ڊالر ادا ڪيا جنهن مان هزار ڊالر ميران رکيا ڇو جو نورجان جي اڳوڻي مڙس ميران کان هزار ڊالر قرض ورتو هو. 17 سيپٽمبر 2016ع تي ٿيل شادي رڳو ڪاغذن تائين محدود هئي پر 6 سالن کان پوءِ ڪوڙ پڪڙجي پيو ۽ گذريل سال اميگريشن جي جاچ اداري ميران کي گرفتار ڪري ورتو. عدالت شادي ڪرائڻ ۾ سهولتڪار بڻجڻ تي ميران کي 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي جڏهن ته عبدالقاسم کي به 6 ۽ نورجان بي بي کي 7 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي. عدالت مجبوري ۽ مالي حالت خراب هجڻ سبب جوابدارن کي گھٽ کان گھٽ سزا ٻڌائي.

 

سنگاپور ۾ ان ڏوهه جي سزا وڌ کان وڌ 10 سال قيد ۽ 10 هزار سنگاپور ڊالر ڏنڊ آهي.