ڪابل(م ڊ) روس افغانستان مان پنهنجو سفارتخانو بند نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. روسي حڪومت جو چوڻ آهي ته ڪابل ۾ اسان جو سفارتي عملو سهڻي نموني ڪم ڪري رهيو آهي ان ڪري في الحال سفارتخانو بند ڪرڻ ۽ عملو واپس گهرائڻ جو ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو آهي. اطلاع آهن ته روس عبوري حڪومت قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ به ڪم ڪري رهيو آهي.