حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ پي ايم سي نوابشاهه ۾ رٽائرڊ ملازم کي پينشن جاري ڪرڻ لاءِ رشوت وٺڻ واري ڪيس ۾ سزا يافته ڪلارڪ جي سزا معطل ڪندي سندس ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته 2016ع دوران اينٽي ڪرپشن پوليس ملازم قادر بخش جي درخواست تي پينشن ڪلارڪ ممتاز علي کي 13 هزار رپيا رشوت وٺندي  مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ گرفتار ڪيو هو. ملازم درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هن رٽائرڊ ٿيڻ بعد پينشن جاري ڪرڻ لاءِ جوابدار کي پهرين 34 هزار رشوت ڏني هئي، تنهن باوجود سندس فائل ڪليئر ڪري نه ڏنو ويو ۽ بعد ۾ وري ڪلارڪ کانئس وڌيڪ رشوت طلب ڪئي. 13 آڪٽوبر 2022ع تي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ نوابشاهه ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 3 سال قيد ۽ 25 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. جوابدار سزا خلاف وڪيل مسعود الرسول بابر ميمڻ معرفت اپيل داخل ڪرائي. جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل سنگل بئنچ وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار جي سزا وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض سندس ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو.