باڊھه (ن پ ا) باڊهه ۾چور واپاري تلسي داس عرف روي ڪمار جي گهر ۾ داخل ٿي الماڙين جا تالا ڀڃي گهريلو سامان، سونا زيور ۽ روڪ رقم کڻي ويا، تلسي داس ٻڌايو ته ڪٽنب سميت ننڪاڻه صاحب جي ميلي تي ويل هئاسين، گهر پهتاسين ته گهر جي اندرين دروازن ۽ الماڙين جا تالا ڀڳل هئا، گهر جو سمورو سامان ٽڙيل پکڙيل هيو. هن ٻڌايو ته گهر ۾ رکيل سونا زيور ۽ ٻيو گهريلو سامان  جنهن اٽڪل 20 لک رپيا ماليت ٿيندي اهو نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا،جڏهن ته ڪجهه روڪ رقم پڻ گهر ۾ رکيل هئي. هوڏانهن متاثر گهر ڌڻيءَ پاران واقعي جو اطلاع باڊھه پوليس کي ڏنو ويو، ٻئي طرف گهر ڌڻي تلسي داس گهر ڪئي ته چوري واپس ڪرائي وڃي.