رتوديرو(ن پ ا ) رتيديري ۾ سنڌ جي مشهور شاعر جي ستين ورسي سندس شاگرد پاران ملهائي وئي، سندس ورسي واري ڏينهن قبر مٿان گل نڇاور  ڪيا ويا. سهڻا پنهنجي اکين کي جهل ؛ هڪ ڪاريون ٻيو تن ۾ ڪجل “ جهڙي شاعري جي سرجڻهار بهترين شاعر  استاد قادن نوحاڻي کي وڇڙي ست سال وهامي ويا، کيس ورسي واري ڏينهن تي ثقافت کاتي وساري ڇڏيو، سندس شاگرد شاعر امان الله سناڻي ورسي تي کيس ياد ڪري قبر تي پهچي گل نڇاور ڪيا. ان سلسلي ۾ امان الله سناڻي چيو ته قادن نوحاڻي سنڌ جو وڏو نالو هو، هن جي ستين ورسي آهي پر افسوس ان ڳالهه جو آهي  ته هن ايڏي وڏي شاعر کي سنڌ جي ثقافت کاتي وارن هڪ ورسي تي به ياد ناهي ڪيو، ست  ورهين کان وٺي هر سال مان اڪيلو استاد قادن جي ورسي پنهنجي حال موجب ملهائيندو اچان ٿو، هن جا سوين شاگرد آهن پر انهن به کيس وساري ڇڏيو آهي استاد قادن نوحاڻي جي شاعري سنڌ جي مشهور فنڪارن جلال چانڊيو، سرمد سنڌي، غلام شبير سمون، غلام حسين عمراڻي، عرس چانڊيو ۽ شمن ميرالي سندس جي شاعري ڳائي مشهوري ماڻي آهي، هن ثقافت کاتي وارن کي اپيل ڪندي چيو ته قادن نوحاڻي جي شاعري گڏ ڪري ڪتاب شايع ڪرايو وڃي ۽ سندس ورسي سرڪاري سطح تي ملهائي وڃي .