ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سميت 54 ڄڻن کي بدين ۾ ٿاڻي تي حملي واري ڪيس مان ثبوت نه هجڻ سبب بري ڪري ڇڏيو ، ڪيس ۾نامزد ٻين جوابدارن ۾ مير عبدالله ٽالپر، مختيار ملڪ، غلام محمد عرف دلبر، رياض، اشرف فدا حسين، خدا بخش،عبدالقادر، نواز علي سميت 54 ڄڻا شامل آهن، ذوالفقار مرزا ۽ ٻين خلاف 2015ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾پوليس موقف اختيار ڪيو هو ته ذوالفقار مرزا ساٿين سان گڏجي ٿاڻي تي حملو ڪيو ، حملي ۾ ٿاڻي اندر شيشا ٽوڙڻ سميت ٻئي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. واضح رهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پهريان به دهشتگردي جي هڪ ڪيس مان بري ٿي چڪو آهي، جڏهن ته دهشتگردي جا 2 وڌيڪ ڪيس ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ اڃا به هلندڙ آهن. ٻئي پاسي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اي ٽي سي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ انصاف ڏيڻ سڀني کان وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي، آئون بدين جي عوام ۽ غريب ماڻهن جو ٿورائتو آهيان، هن چيو ته بدين ٿاڻي ۾ شيشي جي غلطي سان ٽٽڻ جي مون سميت بدين جي غريب ماڻهن کي 6 سال سزا ڏني وئي، هن چيو ته پ پ وارا راڳ لاپيندا رهندا آهن ته اسان سياسي ڪيس ناهيون ٺاهيندا، هي سياسي ڪيس نه هو ته ٻيو ڇا هو؟ شيخ رشيد جي سنڌين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ واري بيان تي سوال تي ذوالفقار مرزا چيو ته مون شيخ رشيد جو بيان ناھي ٻڌو، هن چيو ته مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو نعرو لڳائيندڙن کان وڌيڪ وزيراعظم عمران خان سنڌ جو احساس آهي،