يروشلم/اسلام آباد (م ڊ) اسرائيلي ميڊيا هڪ ڀيرو وري الزام هنيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو ويجهو ساٿي ۽ اڳوڻو خاص مددگار سيد ذوالفقار علي بخاري عرف ذلفي بخاري اسرائيل جو ڳجهو دورو ڪري چڪو آهي جتي هن اسرائيل جي ڳجهي ايجنسي موساد جي سربراهه سان به ملاقات ڪئي. ذلفي بخاري ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ان خبر کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي، مخالف ڌر جهاز جي روٽ جا تفصيل پڌرا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسرائيلي رپورٽ ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اهو دورو نومبر 2020ع ۾ ٿيو ۽ ان ۾ هن پاڪستان جي چيف آف اسٽاف جو پيغام پڻ ڏنو. اهو پيغام هو ته پاڪستان ۽ اسرائيل جون فوجون ڪاري سمنڊ ۾ گڏيل نيول مشقن ۾ حصو وٺنديون. رپورٽ موجب ذلفي بخاري برطانوي شهري پڻ آهي ۽ برطانوي پاسپورٽ تي هن اسرائيل جو دورو ڪيو. هو جهاز ۾ لنڊن کان بين گورين ايئرپورٽ اتان اسلام آباد ويو ۽ اتان کيس تل ابيب منتقل ڪيو ويو، جتي هن پرڏيهي وزارت ۾ سينئر عهديدارن سان ملاقات ڪئي. اهو دورو عرب امارات جي دٻاءُ تي ڪيو ويو. انهن نيوي مشقن ۾ 6 کنڊن جي 32 هزار فوجين، 32 جهازن، 40 جنگي جهازن ۽ 18 ڊائيونگ ڪمانڊوز ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي طرف ذلفي بخاري خبر کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته آئون ڪڏهن به زندگي ۾ اسرائيل نه ويو آهيان. اها خبر من گهڙت آهي. ٻئي طرف پرڏيهي وزارت به اهڙين خبرن جي ترديد ڪندي انهن کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو آهي. ٻئي طرف پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انهن خبرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ذلفي بخاري جي اسرائيل جي دوري جون خبرون ڳڻتي واريون آهن جهاز جو روٽ پڌرو ڪيو وڃي.