دپيڪا سنگهه جي برسات ۾ ڊانس، مداحن جي سخت تنقيد

0
332

نئين دهلي (شوبز نيوز) ڀارت ۾ جتي سامونڊي طوفان تباهي آڻي ڇڏي آهي، اتي ئي وري اداڪارا ڪِريل وڻن سان فوٽو شوٽ ۽ رقص لاءِ نڪري پئي، جنهن تي عوام مٿس ڇتي تنقيد ڪئي آهي.سامونڊي طوفان تائوتي ڀارت ۾ تباهي آڻي ڇڏي آهي ۽ ڪيترين ئي رياست ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي.اهڙي صورتحال ۾ ڀارتي ٽي وي جي مشهور اداڪارا دپيڪا سنگهه ممبئي ۾ پنهنجي گهر سامهون روڊ تي ڪِريل وڻن سان نه رڳو بولڊ فوٽو شوٽ ڪرايو پر پاڻي ۾ رقص به ڪيو.اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان فوٽو شوٽ ۽ ويڊيوز پوسٽ ڪيون، گڏوگڏ هن لکيو ته توهان طوفان کي روڪي نٿا سگهو، طوفان اچڻ جي صورت ۾ پاڻ کي پرسڪون رکي سگهجي ٿو، تنهن ڪري اهڙي حالت ۾ فطرت سان پيار ڪيو ۽ پريشان نه ٿيو، ڇو ته طوفان هر حال ۾ گذري ويندو.هن واضح ڪيو ته مان طوفان سان تباهه ٿيل وڻن سان تصويرون ڪڍرايون آهن ۽ طوفان کي يادگار بڻائڻ لاءِ ئي تصويرون ۽ ويڊيوز ٺاهيون آهن.اداڪارا جي اهڙي پوسٽ کانپوءِ مٿس ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ ماڻهو ڪمينٽ ڪري رهيا آهن ته هوءَ محفوظ ۽ سلامت آهي، تنهن ڪري طوفان ۾ ائين ڪري رهي آهي.