ديوار چين ٻاهريان حملا روڪڻ بدران چينين تي نظر رکڻ لاءِ تعمير ٿي: نئون انڪشاف

0
331

بيجنگ (دلچسپ نيوز)ائين سمجهيو ويندو آهي ته ديوار جي اڏاوت ٻاهرين حملن کي روڪڻ لاءِ ڪئي وئي هئي پر هاڻ اهڙي دعويٰ سامهون اچي وئي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اترئين حصي جي اڏاوت جو مقصد اهو نه هو.هڪ رسالي اينٽي ڪيوئٽي ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 460 ميل ڊگهي ديوار ٻاهرين حملي کي روڪڻ لاءِ نه پر شهرين جي چرپر تي نظر رکڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي.تحقيق ڪندڙن پهريون ڀيرو ان حصي جو مڪمل نقشو ٺاهيو ۽ اها تحقيق اڳوڻن خيالن کي چئلينج ڪري ٿي.تحقيق ۾ چيو ويو ته ان کان اڳ ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال هو ته ان ديوار جو مقصد چنگيز خان جي فوج کي روڪڻ هو پر اترئين حصي جي ديوار جنهن جو وڏو حصو منگوليا ۾ آهي ۽ وادين سان گڏ آهي، جنهن جي ڊيگهه گهڻي ناهي ۽ رستو ننڍو آهي جيڪو غير فوجي حالت کي ظاهر ڪري ٿو.تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته اسان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته ان جو مقصد ماڻهن ۽ مال کي چرپر تي نظر رکڻ يا ان کي روڪڻ هو، خاص ڪري ٽيڪس جي لاءِ.هن ٻڌايو ته وچين دور ۾ سردي جي موسم دوران ماڻهو ڏکڻ جي گرم علائقن جو رخ ڪندا هئا.هزارين ڪلوميٽرن تي ڦهليل چين جي ديوار مختلف حصن تي مشتمل آهي ۽ اڏاوت جي شروعات ٽين قبل مسيح ۾ ٿي ۽ صدين تائين ان تي ڪم ٿينديو رهيو.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ديوار جي اترئين حصي کي چنگيز خان جي ديوار به سڌيو ويندو آهي جنهن جي اڏاوت 11 کان 13 هين صديءَ دوران ٿي.ان حصي جو تفصيلي نقشو ٺاهڻ لاءِ سائنسدانن ڊرونز، هاءِ ريزولوشن سيٽلائيٽ تصويرن ۽ آثار قديمه جي روايتي ٽولز جو استعمال ڪيو ويو ۽ اهڙا نواردات استعمال ڪيا ويا جنهن سان ان جي اڏاوت جي تاريخ جو تعين ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.تحقيقدانن جو چوڻ هو ته سائنسدانن طرفان چين جي ديوار جي اترئين حصي کي نظرانداز ڪيو ويو.