معصوم بورچي جا سوشل ميڊيا تي چرچا

0
247

ورجينيا (دلچسپ نيوز) معصوم بورچي جا سوشل ميڊيا تي چرچا ٿي رهيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا جي رياست ورجينيا واسي هڪ ساله ڪوبي جي انوکي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ۾ معصوم ٻارڙي کي بورچي خاني ۾ کاڌا/ڏسو صفحو 8 بقايا 03
تيار ڪندي ڏسي سگهجي ٿو معصوم ٻارڙو وڏي ماهراڻي انداز ۾ کاڌا تيار ڪري رهيو آهي. معصوم ڪوبي جي اها وڊيو 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي چڪا آهن، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد صارفين ڪوبي جي وڏي واکاڻ ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه ماڻهن ان تي دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا آهن.واضح رهي ته ڪوبي جو يو ٽيوب چينل به آهي جنهن کي 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو سبسڪرائب ڪري چڪا آهن، ان کان علاوه ان جي فيس بڪ اڪائونٽ سان گڏوگڏ پنهنجي ذاتي ويب سائٽ تي به ماڻهو ڪافي ڌيان ڏئي رهيا آهن.