پراڻي سياست پاڪستان جي وڏي دشمن آهي، سليڪشن اليڪشن سان نقصان ٿيندو: بلاول ڀٽو زرداري

0
205

مردان ( م ڊ ) پراڻي سياست پاڪستان جي وڏي دشمن آهي، عوام ٻيهر سليڪٽڊ راڄ قبول نه ڪندو. اهڙو اظهار پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمينب بلاول ڀٽو زرداري مردان ۾ پ پ ورڪرن کي خطاب ڪندي ڪيو

پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته سڀني کي نظر اچي رهيو آهي ايندڙ چونڊون پيپلز پارٽي کٽيندي، پر جيڪڏهن هڪ ڀيرو وري سليڪشن ٿي ته ملڪ کي وڌيڪ نقصان پهچندو، عوام سليڪٽڊ راڄ قبول نه ڪندو

مردان ۾ پ پ جي ورڪرز ڪنوشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي دشمن پراڻي سياست آهي، پراڻن سياستدانن وٽ عوامي مسئلن جو ڪو حل ناهي، پراڻا سياستدان مسئلن ۾ ڦاٿل آهن، اسان نئين سياست ذريعي مسئلن جو حل ڪڍنداسين

بلاول چيو ته سياست ۾ هڪ ٻئي جو ڄنگهون ڪڍيون پيون وڃن پر اسان جو مقابلو ڪنهن سياسي جماعت سان نه مهانگائي سان آهي. هن خبردار ڪيو ته سڀني کي نظر اچي رهيو آهي ته اليڪشن پ پ کٽيندي پر جيڪڏهن هڪ ڀيرو وري سليڪشن ٿي ته ملڪ کي وڌيڪ نقصان پهچندو، عوام سليڪٽڊ راڄ قبول نه ڪندو، صرف عوام کي اِهو حق حاصل آهي ته هو فيصلو ڪري ته سندن حڪمران ڪير هوندو. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته عوامي راڄ قائم ڪرڻ لاءِ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي کي ڪامياب ڪرائڻو پوندو، مسئلن جي حل لاءِ پپ کي اليڪشن کٽرائڻي پوندي ڇو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري جو حل رڳو پ پ وٽ آهي، ملڪ جي حالتن جي سڀني کي خبر آهي ، اسان گڏجي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍنداسين.