رياست کانسواءِ ڪنهن به اداري يا گروهه پاران طاقت جو استعمال ۽ هٿياربند ڪارروائي قبول جوڳي ناهي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

0
171
رياست کانسواءِ ڪنهن به اداري يا گروهه پاران طاقت جو استعمال ۽ هٿياربند ڪارروائي قبول جوڳي ناهي: آرمي چيف جنرل عاصم منير
رياست کانسواءِ ڪنهن به اداري يا گروهه پاران طاقت جو استعمال ۽ هٿياربند ڪارروائي قبول جوڳي ناهي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير چيو آهي ته رياست کانسواءِ ڪنهن به اداري يا گروهه طرفان طاقت جو استعمال ۽ هٿياربند ڪارروائي قبول ڪرڻ جوڳي ناهي ۽ خاص طور اقليتن ۽ ڪمزور طبقن خلاف عدم برداشت ۽ انتهاپسند رويي جي گنجائش ناهي

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير سان عالمن ۽ مذهبي اڳواڻن ملاقات ڪئي، ان دوران گڏيل طور تي انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ فرقيواريت جي مذمت ڪئي وئي

ان موقعي تي آرمي چيف عاصم منير چيو ته بنا ڪنهن مذهبي، صوبائي يا ڪنهن ٻئي فرق جي پاڪستان سمورين پاڪستانين جو آهي ۽ رياست کانسواءِ ڪنهن اداري يا گروهه جو طاقت جو استعمال ۽ هٿياربند ڪارروائي ناقابلِ قبول آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته عالمن ۽ مذهبي اڳواڻن ملڪ ۾ روادري، امن لاءِ رياستي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي اڻٿڪ ڪاوشن لاءِ پنهنجي ڀرپور حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو مذهب آهي، ڪجهه عنصرن جي مذهب جون رد ڪيل تشريحون صرف سندن ذاتي مفادن لاءِ آهن، جنهن جو اسلامي تعليم سان ڪو واسطو نه آهي

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف انتهاپسندن، دهشتگردن جي ورغلائيندڙ پروپيگينڊا جي خاتمي لاءِ عالمن جي فتويٰ ” پيغام پاڪستان “ کي ساراهيو
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف عالمن کان ورغلائيندڙ پروپيگينڊا جي مشهوري جي تدارڪ ۽ اندروني اختلاف ختم ڪرڻ تي زور ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب، فروم گڏيل طور غيرقانوني پرڏيهين جي پنهنجي وطن واپسي، حڪومت پاران هڪ دستاويزي نظام ( پاسپورٽ )لاڳو ڪرڻ، اسمگلنگ جي خاتمي، ذخيرا اندوزي، بجلي چوري خلاف قدمن جي حمايت ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فورم افغان سرزمين مان پيدا ٿيل دهشتگردي تي پاڪستان جي موقف ۽ خدشن جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ خدشا ختم ڪرڻ لاءِ افغانستان تي سنجيدا قدم کڻڻ تي زور ڏنو

آءِ ايس پي آر موجب، فورم غزا ۾ جاري جنگ ۾ هٿين خالي فلسطين مٿان ظلمن تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ان کي انسانيت خلاف ڏوهه قرار ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب فورم غزه ۾ جاري جنگ فلسطين جي بي گناهه ماڻهن تي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪندي اسرائيلي ظلمن کي انسانيت خلاف ڏوهه قرار ڏنو