دنيا جو مهانگو گهٽو، 85 لک رپين ۾ وڪرو

0
405

لنڊن(دلچسپ نيوز) دنيا جو مهانگو گهيٽو، 85 لک رپين ۾ وڪرو ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يورپ جي اترئين ٻيٽ تي ٿيل نيلامي ۾ هڪ انوکو گهيٽو آندو ويو، گهيٽو انتهائي صحتمند ۽ مضبوط هجڻ سبب واپارين جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، ڪيترائي واپاري انوکو گهيٽو خريد ڪرڻ لاءِ ٻولي لڳائيندا رهيا جنهن بعد هڪ مقامي ڪائونٽي جو واپاري 85 لک رپين ۾ گهيٽو خريد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان سلسلي ۾ گهيٽي جي مالڪ رچرڊ ٿامپسن جو چوڻ هو ته مون وڏي محنت سان گهيٽو پاليو هو انڪري مون کي اميد هئي ته گهيٽي جا سٺا پيسا ملي ويندا، هن چيو ته نيلامي لاءِ هن شروعاتي قيمت سٺي رکي انڪري 85 لک رپيا مليا. گهيٽي جي عمر اڃا رڳو 7 مهينا آهي جڏهن ته ان کان اڳ هڪ گهيٽو 38 هزار يورو ۾ وڪرو ٿيو هو جڏهن ته هي گهيٽو 44 هزار يورو ۾ وڪرو ٿي عالمي رڪارڊ بڻجي ويو.