سنڌ جي يگاني شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊراما نويس علي بابا جي پنجين ورسي سڀاڻي ملھائي ويندي

0
549
سنڌ جي يگاني شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊراما نويس علي بابا جي اڄ پنجين ورسي

ڪوٽڙي(ن پ ا) سنڌ جي يگاني ڪهاڻيڪار، ناول نگار، شاعر ۽ ڊراما نويس علي بابا جي پنجين ورسي سڀاڻي ملھائي ويندي، سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي توڙي ڪنهن به علمي ادبي تنظيم کيس ياد نه ڪيو. سنڌوءَ ڪناري آباد قديم شهر ڪوٽڙيءَ ۾ 8 جولاءِ 1940 تي علي بابا جو جنم ٿيو، علي بابا جو اصل نالو علي محمد رند بلوچ ھيو، علي بابا ابتدائي تعليم نانگو لائين ڪوٽڙي جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، علي بابا ريلوي ۾ ملازمت سان گڏ ڪوٽڙي جي هڪ ٽيڪسٽائيل مل ۾ به نوڪري ڪئي، علي بابا 1965 کان باقائده لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ آخر تائين لکڻ جو سلسلو برقرار رکيائين، علي بابا جا ٽي وي تي ڪيترائي ڊراما ٽيلي ڪاسٽ ٿيا جيڪي ان دور ۾ بيحد گهڻو مقبول ٿيا، 1981 ۾ سندس ڊرامو ”دنگي منجهه درياهه“ کي جرمني ۾ انٽرنيشنل ڊراما فيسٽيول ۾ ٽيون عالمي انعام مليو، علي بابا عظيم ليکڪ هجڻ جي باوجود ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ سادو ۽ درويش صفت انسان هو، ملڪ جو سڀ کان وڏو صدارتي ايوارڊ ٺڪرائيندڙ سنڌ جو هي يگانو ڪردار 8 آگسٽ 2016 تي اسان کان هميشه لاء موڪلائي ويو.