ڀارت ۾ عدالت پاران انوکي سزا: ڀولڙي کي قتل ڪيس ۾ عمر قيد

0
344

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) ڀارت ۾ عدالت پاران انوکي سزا ٻڌائي وئي، ڀولڙي کي قتل ڪيس ۾ عمر قيد سبب هاڻي سموري حياتي جيل ۾ گذارڻي پوندي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي شهر ڪانپور جي مقامي عدالت ۾ هڪ انوکو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، مقامي چڙيا گهر جي خطرناڪ ڀولڙي تي هڪ شهري کي چڪ هڻي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. عدالت کي ٻڌايو ويو ته 6 ورهين جي ڀولڙي کي شراب پيئڻ جي عادت پئجي وئي هئي ڊاڪٽرن جي مشوري بعد انتظاميا کيس شراب ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو جيئن ئي ڀولڙي جو شراب بند ڪيو ويو ته هو ڇتو ٿي پيو، شراب نه ملڻ سبب هن ماڻهن کي چڪ هڻڻ شروع ڪري ڏنا، هڪ شهري سندس خطرناڪ چڪن سبب حياتي وڃائي ويٺو، جج ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڀولڙي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ٻڌائي ڇڏي. عدالت جي حڪم تي ڀولڙي کي چڙيا گهر ۾ ڌار رکي بند ڪيو ويو آهي جٿي هاڻي هو سموري حياتي قيد ۾ گذاريندو. جج جو چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس آزاد ڪيو ته هو اڃا به وڌيڪ نقصان ڏيندو.