برطانوي واپاري عورت سوين ماڻهن کي ڪک پتي مان لک پتي بڻائي ڇڏيو

0
725

لنڊن(دلچسپ نيوز) برطانوي واپاري عورت سوين ماڻهن کي ڪک پتي مان لک پتي بڻائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا ۾ هولي ٽڪر نالي عورت 22 ورهين جي ڄمار ۾ اوچتو بيمار ٿيڻ بعد طلاق ملڻ سبب سخت متاثر ٿي وئي، ڏک، تڪليف ۽ خوف هولي ٽڪرجي زندگي زهر بڻائي ڇڏي، اڪيلائي ۾ رهندي کيس واپار جو خيال آيو، هولي ٽڪر 2006 ۾ آن لائن ڪاروبارڪرڻ جو پروگرام جوڙي پنهنجي ويب سائيٽ ٺاهي شروعات ڪئي، نوجوان عورت هولي ٽڪر ويب سائيٽ تي ماڻهن کي ڪاروبار ڪرڻ جي دعوت ڏني ته ماڻهو آهستي آهستي ساڻس جڙندا ويا، هولي ٽڪر جي ان ويب سائيٽ تي 200 کان وڌيڪ ماڻهن هزارين ننڍا وڏا ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيا جيڪي ڏسندي ئي ڏسندي ڪامياب ٿي ويا جنهن سبب انهن ماڻهن جي قسمت ئي بدلجي وئي.نوجوان عورت جي ذهانت سبب سندس ويب سائيٽ سان جڙيل اهي ماڻهو هن وقت لک پتي بڻجي چڪا آهن. ان حوالي سان هولي ٽڪر جو چوڻ آهي ته انسان جيڪڏهن همت نه هاري ته رڳو پاڻ پر ٻين کي به ڪاميابي جو رستو ڏيکاري سگهي ٿو. هن چيو ته جيتوڻيڪ آئون هن وقت هڪ وڏي بيماري جو شڪار آهيان منهنجي دماغ ۾ رسولي آهي پر ان جي باوجود آئون مايوس ناهيان ڇاڪاڻ ته منهنجي ڪري ڪيترائي ماڻهو ڪامياب زندگي گزاري رهيا آهن.