دعا آهي ته عمران خان بجلي ۽ پيٽرول جي اگهن تي يوٽرن نه وٺي:شھباز شريف

0
408
ڪوشش آهي ته آئيني

ڪراچي: اپوزيشن ليڊر شھباز شريف چيو آھي تھ دعا آهي ته عمران خان بجلي ۽ پيٽرول جي اگهن تي يوٽرن نه وٺي، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو ته پيٽرول سستو ٿيو آهي ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ڇو نه آئي آهي، ڀاڙا ڪير گهٽائيندو؟ حڪومت آءِ ايم ايف ۽ عوام کي دوکو ڏئي رهي آهي، ملڪ ۾ ڊيزل جي بحران جو خدشو ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ويو

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پيٽرول ۽ بجلي جا اگهه گهٽجڻ تي اپوزيشن جو تپي وڃڻ حيران ڪندڙ آهي، اپوزيشن کي اصل ڏُک ايندڙ وارو نه ملڻ جو آهي، عالمي منڊي ۾ اگهن ۾ واڌ باوجود پاڪستان ۾ مهانگائي گهٽجي رهي آهي، اِن تي پريشاني بدران اطمينان ٿيڻ گهرجي