ملير(رپورٽر)لانڍي ويجهو ڳوٺ اسماعيل پنهور خالي ڪرائڻ لاءِ روينيو عملي، اينٽي انڪروچمينٽ عملي ۽ پوليس جي چڙهائي لٺبازي: شيلنگ: 8 عورتن سميت 12 زخمي، ان ڏس ۾  ملير جي علائقي لانڍي ويجهو ڳوٺ اسماعيل پنهور خالي ڪرائڻ لاءِ روينيو عملو، اينٽي انڪروچمينٽ عملي ۽ پوليس اٽالن سان گڏ هيوي مشنري سان پهتو، عملي ٽن کان وڌيڪ گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو،  انهي دوران ڳوٺاڻن گهرن کان نڪري سخت مزاحمت ڪئي، جنهن تان  پوليس پاران مڇريل ڳوٺاڻن تي لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسما بي بي، مهوش، شائسته، شميم، وينس بي بي، شهناز، نرگس، زاهد سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺاڻن پاران سخت مزاحمت بعد روينيو عملو ۽ پوليس موٽي وئي، ان موقعي تي ڳوٺ جي نيڪ مرد ادريس پنهور ٻڌايو ته اسان جو ڳوٺ 15 ايڪڙن تي ٻڌل ۽ قديم ڳوٺ آهي، ڪاشف ميمڻ نالي شخص ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي مختلف وقتن تي چڙهايون ڪرائيندو رهيو آهي، هن 17 ڳوٺاڻن مٿان ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪرايا آهن،  هن چيو ته ڪاشف اينٽي انڪروچمنٽ عملي، پوليس ۽ روينيو عملي سان گڏ پنهنجا پرائيويٽ هٿياربند وٺي اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري عورتن، ٻارڙن ۽ ڳوٺاڻن مٿان سخت تشدد ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا آهن، هن مطالبو  ڪيو ته کين بلڊر مافيا کان تحفظ ڏياريو وڃي،  ٻئي طرف مختيارڪار ابراهيم حيدري عبدالستار ڪلوڙ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان عدالت جي حڪم تي ناظر سان گڏجي زمين خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو، انهي دوران ڳوٺاڻن روينيو عملي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس مٿان پٿراءُ ۽ تشدد ڪيو، جنهن ۾ چار اهلڪار زخمي ٿي پيا.