دادو: ننڍپڻ ۾ رشتو قبول نھ ڪرڻ ناري ۽ سندس خاندان دربدر

0
200

دادو (ن پ ا) دادو ۾ ننڍ پڻ جو رشتو قبول نه ڪرڻ تي نوجوان ناري رمشا ڌيءَ طالب وٽو ۽ سندس خاندان دربدر بڻيل آھي، رمشا ۽ سندس خاندان اغوا ۽ قتل جي خوف کان قاضي احمد جي ڳوٺ شير خان وٽو دادو ۾ پناھ وٺي ڇڏي آھي، وڊيو بيان ۾ رمشا ۽ سندس امڙ زھرا جو چوڻ آھي تھ ننڍ پڻ ۾ آصف وٽو جي نالي ڪيو ويو، بالغ ٿيڻ تي رشتي کان انڪار ڪرڻ تي اغوا ڪرڻ لاءِ گهر تي حملو ڪري تشدد ڪيو ويو، رمشا جو چوڻ ھو تھ آصف وٽو وارن منهنجي چاچي يار محمد کي گرفتار ڪرائي وحشياڻو تشدد ڪري کيس زخمي حالت ۾ ڦٽو ڪيو ويو، جيڪو نوابشاھ اسپتال ۾ داخل آهي، آصف وٽو وارن مان خطرو آهي قتل ۽ اغوا جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن تحفظ ڏنو وڃي.